Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مان ايم ڪيو ايم جي 36 هن شهيد ڪارڪنن جو قاتل وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي سمجهان ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مان ايم ڪيو ايم جي 36 هن شهيد ڪارڪنن جو قاتل وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي سمجهان ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/29/2015
مان ايم ڪيو ايم جي 36 هن شهيد ڪارڪنن جو قاتل وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي سمجهان ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
قائم علي شاھ جيڪڏهن دنيا ۾ قانون جي پڪڙ کان بچي به ويا پر قيامت جي ڏينهن الله سائين جي پڪڙ کان اهي بچي نه ٿا سگهن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 29 جنوري 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان سهيل احمد شهيد سميت ايم ڪيو ايم جي 36 هن شهيد ڪارڪنن جو قاتل وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي سمجهان ٿو. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته سهيل احمد شهيد کي سرڪاري اهلڪارن گرفتار ڪيو هو، انهن جي گرفتاري جي حوالي سان چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ ۽ وزير اعلٰي سنڌ سميت سڀني کي اطلاع ڏني وئي هئي ۽ انهن جي گرفتاري تي ٽي ڀيرا پريس ڪانفرنسون به ڪيون هيون پر گذريل ڏينهن 28 جنوري تي سرڪاري اهلڪارن انهن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ مواڇ ڳوٺ ۾ انهن جي لاش کي اڇلائي ڪري فرار ٿي ويا.( انا لله و انا اليه راجعون) جناب الطاف حسين فرمايو ته سهيل احمد شهيد وڏا شريف، نمازي ۽ پرهيز گار انسان هئا، الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي، انهن جا ننڍا وڏا گناھ معاف فرمائي ۽ انهن جي پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي آمين. جناب الطاف حسين فرمايو ته  سهيل احمد شهيد جي لاش جڏهن مواڇ ڳوٺ ۾ اڇلائي پئي وڃي ته ان وقت سيد قائم علي شاھ سنڌ اسيمبلي ۾ ٽهڪ ڏيئي ڪري ۽ ڊانس ڪري وزير اعلٰي هائوس تي چئن شهيدن جون لاشون آڻڻ وارن سوگوارن جي آمد کي حملو قرار ڏيئي رهيا هئا. انهن فرمايو ته سهيل احمد جي قتل تي به وزير 
2
اعلٰي سنڌ روايت جي مطابق نائن زيرو ۽ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن فون ڪري مون سان تعزيت ڪرڻ گوارا نه ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته  قائم علي شاھ جيڪڏهن دنيا ۾ قانون جي پڪڙ کان بچي به ويا پر قيامت جي ڏينهن اهي الله سائين جي پڪڙ کان هرگز به بچي نه ٿا سگهن. انهن فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ وانگر انهن جي ڪابينا جي ٻين بزدل وزيرن ۾ به ڪنهن کي اها توفيق نه ٿي ته اهي فون ڪري تعزيت ڪن ها.نعوذ بالله قائم علي شاھ سميت سنڌ ڪابينا جا ميمبر زمين تي اهڙا خدا بڻجي ويا آهن ڄڻ ته انهن کي الله سائين وٽ پيش ٿيڻو ئي نه آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي 36 ڪارڪنن جي قاتلن کي هن مهل تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ان تي اسان صبر ڪيو، صبر ڪيو بس صبر ڪيو پر صبر جي به هڪ حد هوندي آهي. هاڻي اسان ايم ڪيو ايم تي ڪيل ظلمن جي خلاف پرامن طريقي سان احتجاج جي آواز بلند ڪنداسين ۽ پاڪستان جي وفاقي يا صوبائي ايجنسي يا ڪنهن به اهلڪار جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي غير قانوني ۽ غير آئيني حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو پاڻ جواب ده هوندو.

6/30/2024 9:32:26 AM