Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شڪار پور ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪو حيوانيت جي بدترين مثال آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


شڪار پور ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪو حيوانيت جي بدترين مثال آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/30/2015

شڪار پور ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪو حيوانيت جي بدترين مثال آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 30 جنوري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شڪارپور امام بارگاھ ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي جي عبادت ڪرڻ وارن معصوم شهرين جي رت سان هولي کيڏڻ وارا ڪنهن به فقه يا مذهب سان تعلق نه ٿا رکن بلڪه اهي انسانيت جا کليل دشمن آهن. انهن فرمايو ته سنڌ ۾ ڌماڪا ۽ دهشت گردي جون ڪاروائيون ٿي رهيون آهن پر صوبائي حڪومت صوبي ۾ سڀ سٺي جو راڳ الاپي رهي آهي.انهن سوال ڪيو ته جڏهن ته شڪارپور ۾ دهشت گردي جو خطرو پهرين کان موجود هو ته حڪومت سيڪيورٽي جو بندوبست ڇو نه ڪيو؟ انهن فرمايو ته اهو بم ڌماڪو حيوانيت جي بدترين مثال آهي ۽ جيڪي به انهن دهشت گردن جي ڪنهن به طريقي سان حمايت ڪن ٿا اهي به ان ڏوھ ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين ان ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه انهن زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.

7/17/2024 6:07:24 PM