Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه شڪارپور وڏو دردناڪ سانحو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.


سانحه شڪارپور وڏو دردناڪ سانحو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.
 Posted on: 1/31/2015

سانحه شڪارپور وڏو دردناڪ سانحو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.
طالبانائيزيشن ملڪ کي اڏهي وانگر چٽي رهي آهي.
آغا خان اسپتال ۾ سانحه شڪارپور جي زخمين جي عيادت جي موقعي تي ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 31 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ ۽ ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق آغا خان اسپتال جو هنگامي دورو ڪيو، جتي انهن شڪارپور بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي گلفراز خان خٽڪ چيو ته سانحه شڪارپور هڪ دردناڪ سانحو آهي ۽ ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڏھ سال اڳ ئي قوم کي طالبانائزيشن کان آگاھ ڪري ڇڏيو هو  پر انهن جي ڳالھ جو مذاق اڏايو ويو ۽ جيڪڏهن ان وقت ئي طالبان جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ها ته اڄ سانحه شڪارپور رونما نه ٿئي ها.انهن چيو ته سانحه شڪارپور سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان آهي ۽ ملڪ هن وقت حالت جنگ ۾ آهي ۽ اسان کي گڏجي ڪري پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻو پوندو ۽ دهشت گردن جي خلاف وڙهڻو پوندو.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته سانحه شڪارپور جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

6/30/2024 9:20:57 AM