Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿئي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿئي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 1/31/2015

منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿئي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
حيدرآباد جي عوام تمام تر سازشن جي باوجود پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين جو ساٿ نه ڇڏيو.مان پاڪستان ۾ اهڙو منصفانه نظام قائم ڪرڻ چاهيان ٿو جتي زندگي جي هر شعبي ۾ سمورن شهرين کي برابر جا حق ملي سگهن.جناب الطاف حسين حيدرآباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب.
لنڊن؛ 31 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿئي ۽ اهڙو منصفانه نظام قائم ٿئي جتي زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکڻ وارن شهرين کي بغير ڪنهن فرق جي حق حاصل ٿين. اها ڳالھ انهن حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي فرمائي.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين حيدرآباد جي عوام تي ڪيل ظلمن جو ذڪر ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي 37 ساله جدوجهد جي دوران حيدرآباد جي عوام کي بدترين رياستي ظلمن جو نشانو بڻايو ويو، پوليس وارا ڪارڪنن جي گهرن تي ڏاڪڻون رکي ڪري  اندر داخل ٿيا ۽ انهن عورتن ۽ بزرگن سان بدتميزي ڪئي، سامان لٽيو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڪوڙن مقدمن ۾ گرفتار ڪري جيلن ۾ بدترين تشدد جو نشانو ويو،قانون 
نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان لکيل بيانن تي صحيح نه ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. سانحه 30 سيپٽمبر 1988 تي قتل عام ڪيو ويو ۽ پڪا قلعه آپريشن جي دوران وحشي صفت پوليس وارن جي طرفان قرآن پاڪ مٿن تي رکي ڪري رحم جون فريادون ڪرڻ وارين امڙين کي به گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو پر ان جي باوجود حيدرآباد جا عوام نه ڊنا نه جهڪيا ۽ نه وڪاميا ۽ تمام تر سازشن جي باوجود انهن  پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين جو ساٿ نه ڇڏيو، انهن فرمايو ته مان مالي اعتبار سان پاڪستان جي ٻين سياسي رهنمائن ۾ سڀني کان غريب آهيان پر الله تعالٰي جو شڪر آهي ته عوام جو جيڪو پيار مون کي مليو آهي اهو وڏن وڏن دولتمندن کي نه مليو آهي. جناب الطاف حسين حيدرآباد جي امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن کي يونيورسٽي جي سنگ بنياد رکڻ جي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته انشاء الله تعالٰي ٻن سالن جي عرصي ۾ اها يونيورسٽي مڪمل ٿي ويندي. انهن فرمايو ته حيدرآباد ۾ ٽيڪنيڪل سينٽر ۽ ووڪيشنل سينٽر به قائم ٿيندا، جتي نياڻيون تعليم سان گڏو گڏ هنر به سکنديون.مان چاهيان ٿو ته الطاف حسين يونيورسٽي جا گريجوئيٽ شاگرد پوري دنيا ۾ وڃي تعليم حاصل ڪن ۽ مون کي خوشي ٿيندي ته اهي آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ به وڃي ڪري علم جي هر شعبي ۾ ٽاپ ڪن ۽ ملڪ و قوم جو نالو روشن ڪن. انهن نوجوانن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان پڙهي لکي ڪري ايتري وڏي درجي تي پهچي وڃو جو مان سينو کولي ڪري چئي سگهان ته اوهان منهنجو غرور آهيو ۽ مان پوري دنيا کي چيلنج ڪري سگهان ته الطاف حسين يونيورسٽي جي گريجوئيٽ سان ڪنهن به شعبي ۾ مقابلو ڪري ڏيکاريو. انهن فرمايو ته الطاف حسين يونيورسٽي ۾ اوهان کي اعلٰي درجي جي تعليم ملندي ۽ پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي وڌيڪ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپ ڏيئي ڪري پوري دنيا ۾ موڪليو ويندو.انهن فرمايو ته الله تعالٰي اهو ڏينهن جلد آڻي ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪري جو مان پاڪستان اچي ڪري پنهنجن جي وچ ۾ هجان ۽ پنهنجي شهر حيدرآباد ۾ قيام ڪريان. جناب الطاف حسين حيدرآباد جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن، سيڪٽر ۽ يونٽ ڪميٽين جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي ۽ خوبصورت پنڊال سجائڻ تي خراج تحسين ۽ شاباش به پيش ڪئي.ان موقعي تي ننڍڙن ٻارڙن، اي پي ايم ايس او جي شاگردن ۽ شعبه خواتين جي ميمبرياڻين به جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي.

7/17/2024 6:13:18 PM