اسان سانحه شڪارپور تي مختلف تنظيمن جي طرفان ڇنڇر تي يوم سوگ جي حمايت ڪريون ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سڄي پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪارا جهنڊا لهرايا ويندا ۽ سانحه شڪارپور جي شهيدن جي لاءِ نائن زيرو تي فاتحه خواني به ٿيندي.جناب الطاف حسين.
ڪراچي؛ 30 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سانحه شڪارپور تي مختلف تنظيمن جي طرفان ڇنڇر تي يوم سوگ ملهائڻ جي اعلان جي حمايت ڪئي آهي ۽ سڄي پاڪستان ۾ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سانحه شڪارپور جي سوگ ۾ پنهنجين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌن ۽ ڪارا جهنڊا لهرائين. حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي انهن فرمايو ته سانحه پشاور جي سوگ ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪارا جهنڊا لهرايا ويندا ۽ نائن زيرو تي فاتحه خواني به ٿيندي.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته سانحه پشاور جي سوگ ۾ اڄ لطيف آباد جي باغ مصطفٰي گرائونڊ ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي سنگ بنياد رکڻ جي خوشي ۾ منعقد ڪيل ميوزيڪل پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي، جشن جو اهو پروگرام هاڻي آچر تي ٿيندو.