Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خدا جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي پاڪستان جو سڄڻ سمجهو ۽ ملڪ دشمن نه سمجهو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


خدا جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي پاڪستان جو سڄڻ سمجهو ۽ ملڪ دشمن نه سمجهو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/29/2015
خدا جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي پاڪستان جو سڄڻ سمجهو ۽ ملڪ دشمن نه سمجهو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسٽيبلشمينٽ اسان کي ٻڌائي ته آخر ان کي مهاجرن کان ڪهڙي شڪايت آهي؟
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجتماعن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 29 جنوري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪ فوج  جي بالا آفيسرن جي حڪام کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته خدا جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي پاڪستان جو سڄڻ سمجهو ۽ ملڪ دشمن نه سمجهو، خدا جي لاءِ ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي خاطر فوجي ادارن کي متعصب عناصر کان پاڪ ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته مان امن پسند ۽ هر قسم جي تشدد جي خلاف آهيان، مان اجتماعيت ۽ انسانيت جي احترام تي يقين رکان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ وسندڙ غير مسلمن، عورتن ۽ سڀني زبانون ڳالهائڻ وارن غريبن کي برابر جا حق ملن. اها ڳالھ انهن ڪراچي ۽ حيدرآباد  ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجتماعن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ بانيان پاڪستان جي جاني و مالي قربانين، 1964 ۾ محترمه فاطمه جناح  ۽ ايوب خان جي وچ ۾ ٿيندڙ صدارتي اليڪشن کان پوءِ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ مهاجرن تي حملا، 1971 ۾ سانحه اوڀر پاڪستان جا اسباب، پاڪستان جي دفاع جي لاءِ اردو ڳالهائڻ وارن جي قربانين، محب وطن پاڪستانين جي ريڊڪراس جي ڪيمپن ۾ بي وسي جي 
زندگي گذارڻ، 1972 ۾ سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جو نفاذ، سنڌ ۾ لساني بل جي ذريعي مهاجرن ۽ سنڌين ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ جي سازش، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد سميت اندرون جي مختلف شهرن کان مهاجر آبادين جو انخلا، سرڪاري نوڪرين ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي شهرين جي لاءِ پابندي تي ٻڌل اشتهارَ، ڄامشورو ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ مهاجرن جي لاءِ تعليم جا دروازا بند ڪرڻ، اي پي ايم ايس او، مهاجر قومي موومينٽ ۽ متحده قومي موومينٽ جي قيام، 8 آگسٽ 1986 تي نشتر پارڪ ڪراچي ۾ تاريخ ساز جلسو،30 آڪٽوبر 1986 تي  سهراب ڳوٺ ۽ مارڪيٽ چوڪ حيدرآباد ۾ قتل و غارتگري جي سازش، 14 ڊسمبر 1986 تي سانحه قصبه علي ڳڙھ، 30 سيپٽمبر 1988 تي سانحه حيدرآباد، 1988 ۾ پي پي سان اتحاد، اي پي ايم ايس او جي ڪارڪنن جي اغوا ۽ انهن کي انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائڻ جي واقعن، ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ پي پي آئي جي تشڪيل جي پويان عناصر جي طرفان مهاجر آبادين تي حملن ۽ 1990 ۾ ميان نواز شريف سان اتحاد جي حوالي سان تاريخي حقيقتون تفصيل سان بيان ڪيون. انهن فرمايو ته 1990 ۾ جڏهن مان مينار پاڪستان تي لاهور ۾ خطاب ڪندي پنجاب جي غريب ۽ وچولي طبقي کي ايم ڪيو ايم وانگر متحد ٿيڻ جو پيغام ڏنو ۽ انهن کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي خلاف جدوجهد جو درس ڏنو ته ڪجھ صحافين چيو ته هاڻي اوهان کي پنجاب ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، پنجاب ۾ اڄ به اها صورتحال آهي ته ڪوئي به غريب اقتدار ۾ اچڻ ته ٺهيو اليڪشن وڙهڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه جدوجهد جي خاتمي جي لاءِ مون کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنرل حميد گل جي چوڻ تي بريگيڊيئر امتياز مون وٽ نوٽن سان ڀريل بريف ڪيس کڻي آيو پر مان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته الطاف حسين ان مٽي مان نه بڻيو آهي جيڪا پنهنجي ضمير جو سودو ڪندي هجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ سازش جي تحت مهاجرن ۽ پختونن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ڪئي وئي.ان وقت مان جيل ۾ هيس، مان جيل کان ولي خان کي خط لکيو ۽ ان سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو. اي اين پي جا رهنما ولي خان ، اجمل خٽڪ ۽ غلام احمد بلور نائن زيرو آيا ته پختونن ۽ مهاجرن جي وچ  ۾ غلط فهمين جو خاتمو ٿي ويو. انهن فرمايو ته جڏهن مان ڪراچي 
۾ طالبانائزيشن جو انڪشاف ڪيو ته اي اين پي جي شاهي سيد جنهن کي اسفند يار ولي مٽي مائٽي جي بنياد تي اي اين پي سنڌ جو صدر بڻايو هو،انهن پختون لويه جرگه بڻائي ڪري مهاجرن جي خلاف نفرت انگيز بيانن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.پي پي جي رهنمائن کان پوءِ شاهي سيد به منهنجي مخالفت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ڪائي به طالبانائيزيشن نه ٿي رهي آهي ۽ الطاف حسين ڪراچي مان پختونن کي ڪڍڻ چاهي ٿو. اهڙي طرح وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ پي پي جي سمورن وزيرن به طالبانائزيشن جي حوالي سان منهنجي مخالفت ڪئي.انهن فرمايو ته جڏهن آصف علي زرداري تي ڏکيو وقت آيو ته پي پي جي پوري قيادت غائب ٿي وئي هئي.ان وقت  انهن جي حمايت ۾ ملين ريلي جو انعقاد ڪرڻ وارو الطاف حسين هو.جنهن جو بدلو آصف علي زرداري مون کي امن ڪميٽي بڻائي ڪري ڏنو. ڏوهاري ماڻهن جي ان ڪميٽي کي ايجنسين جي ڪجھ آفيسرن جي مڪمل سرپرستي حاصل هئي.پي پي جي صوبائي وزير داخلا ذوالفقار مرزٰي عوامي جلسن ۾ چيو هو ته امن ڪميٽي وارا منهنجا ٻچا آهن. جيڪڏهن اهي ڪرمنل آهن ته ذوالفقار مرزٰي به ڪرمنل آهي ۽ مان امن ڪميٽي جي ماڻهن کي هڪ لک هٿيارن جا لائسنس شادين ۾ هوائي فائرنگ ڪرڻ جي لاءِ نه ڏنا آهن. پيپلز امن ڪميٽي جي دهشت گردن ڪراچي جي مختلف علائقن مان مهاجر نوجوانن کي انهن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري اغوا ڪيو ۽ لياري کڻي ويا جتي انهن سان بدفعلي ڪئي وئي ۽ انهن جون سسيون لاٿيون ويون ۽ پوءِ انهن جي مٿن سان فٽبال رانڌ به کيڏي وئي. ان وقت رينجر، پوليس، ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ٻيا ادارا موجود هئا.انهن کي هڪ هڪ واقعي جي اطلاع ڏني وئي پر انهن وحشي قاتلن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي نه ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن لساني فسادن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيو ويو ته پوءِ هڪ سازش جي تحت ايم ڪيو ايم کي اندر کان ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم جي ڪجھ ماڻهن کي خريد ڪري انهن کي پنجاب ۾ رکيو ويو. انهن کي تربيت، هٿيار ۽ رقم ڏني وئي. جيڪي 19 جون 1992 ۾ فوجي ٽرڪن ۾ ويهي ڪري ڪراچي ۾ داخل ٿيا، ان وقت جي آرمي چيف جنرل آصف نواز جنجوعه جو بيان شايع ٿيو ته جڏهن ڪيتريون ئي مسلم ليگيون ۽ پيپلز پارٽيون ٺهي 
سگهن ٿيون ته ٽي چار ايم ڪيو ايم ڇو نه ٿيون ٺهي سگهن.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف اهڙي قسم جي رويي جو سلسلو جاري رهيو ، مان ڊي جي رينجر رضوان اختر کي اسڪيم 33 ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتاري ، رينجر جي چوڪي تي گرفتار ٿيلن جي رينجر جي گاڏي ۾ مٽا سٽا ۽ پوءِ ٽن ڪارڪنن جي قتل جي پوري تفصيل کان آگاھ ڪيو پر انهن وزير اعظم جي سامهون صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن وقت رينجر، ايجنسين جي ڪجھ آفيسرن ۽ پي پي جي وچ ۾ اهو معاهدو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي پڪڙي ڪري قتل ڪيو وڃي ۽ لاشون ويرانن ۾ اڇلايون وڃن. انهن فرمايو ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي طرفان چيو ويو هو ته سمورين جماعتن ۾ ويڙهاڪ ونگ موجود آهن. پر ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ڪجھ تجزيه نگار صرف ايم ڪيو ايم تي بهتان هڻڻ ٿا ۽ ڄاڻي واڻي جماعت اسلامي، سني تحريڪ ۽ پي پي جي عسڪري ونگ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. انهن فرمايو ته اسان طالبان ، داعش ۽ القائده جي دهشت گردن جي خلاف جاري ضرب عضب جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ هڪ ملين جو جلوس به ڪڍيو. مان بار بار فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي سلوٽ پيش ڪيو پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. اسٽيبلشمينٽ اسان کي ٻڌائي ته آخر انهن کي مهاجرن کان ڪهڙي شڪايت آهي؟ آخر ڪيستائين حب الوطني جي ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويندو رهندو؟ انهن فرمايو ته مان اڄ تائين پنهنجن ڪارڪنن کي امن ۽ صبر جو درس ڏنو آهي. جيڪڏهن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ انهن جون تشدد ٿيل لاشون اڇلڻ جو سلسلو اهڙي طرح ئي جاري رهيو ته پوءِ عوام ۾ ڪهڙي سوچ پيدا ٿيندي؟ انهن فرمايو ته اسٽيلبشمينٽ  وارا اڄ به چون ٿا ته ايم ڪيو ايم الطاف حسين کان سواءِ تمام سٺي جماعت آهي ۽ اڄ به مائنس الطاف حسين فارمولي تي ڪم ڪيو پيو وڃي.انهن فرمايو ته مان امن پسند آهيان ۽ هر قسم جي تشدد جي خلاف آهيان ۽ جيڪڏهن فقط الزام جي بنياد تي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ڪارڪن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ ماورائي عدالت قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهي، وزير اعظم ۽ وفاقي وزير داخلا قانون نافذ 
ڪرڻ وارن جي زيادتين جي نگراني جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي تشڪيل نه ڏين ۽ ظلم ۽ زيادتي جو سلسلو بدستور جاري رهي ته پوءِ جنهن ملڪ ۾ ائين هوندو ته پوءِ اتي ماڻهو پاڻ ئي قانون کي هٿن ۾ کڻي وٺن ٿا، اها تاريخ آهي جنهن کان انڪار ڪرڻ  ممڪن نه آهي. انهن فرمايو ته اسان متحده قومي موومينٽ ان جي لاءِ بڻائي هئي ته سڄي ملڪ کان غريب پنجابين، سنڌين، بلوچن، ڪشميرين، پختونن، سرائيڪين، هزاري وال، گلگتين بلتستانين ۽ غير مسلم پاڪستانين کي هڪ جهنڊي جي هيٺان گڏ ڪري سگهون ته جيئن ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ٿي سگهي. مان چاهيان ٿو ته جن ماڻهن قومي خزاني کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي انهن کان هڪ هڪ پائي وصول ڪئي وڃي.انهن جون جاگيرون غريبن ۾ ورهايون وڃن، ملڪ کان فرسوده نظام جو خاتمو ٿئي ۽ سڀ تقرريون ميرٽ جي بنياد تي ٿين. انهن پاڪ فوج ۽ آئي ايس آئي جي حڪام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته خدا جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کي پاڪستان جو خيرخواھ سمجهو ۽ ملڪ دشمن نه سمجهو ۽ خدا جي لاءِ ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي خاطر فوجي ادارن کي متعصب عناصر کان پاڪ ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪري شهداء قبرستان بڻرايو ويو. اربين کربين روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود به ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيو ويو.اوهان کي الله تعالٰي جي طاقت کان ڊڄڻ گهرجي ڇو ته مظلومن جي دلين مان نڪرندڙ دانهن ته سڌي عرش تي پهچي ٿي. انهن فرمايو ته مان امن پسند ۽ هر قسم جي تشدد جي خلاف آهيان، مان اجتماعيت ۽ انسانيت جي احترام تي يقين رکان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ وسندڙ غير مسلمن، عورتن ۽ غريبن کي برابر جا حق ملن.مان ڪنهن سان جهيڙو نه ٿو چاهيان، قتل و غارتگري ۽ تشدد کان نفرت ڪريان ٿو. دهشت گردن کان نفرت ڪريان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ اهڙو معاشرو تشڪيل پائي جتي صرف پيار هجي، منهنجو اهو ئي مشن، مقصد ۽ جدوجهد آهي پر جاگيردار، وڏيرا ۽ مراعات يافته طبقو مون کي پسند نه ٿو ڪري. انهن بزرگن خصوصن امڙين کي اپيل ڪئي ته اهي پاڻ سان ٿيندڙ متعصبانه ۽ ظالمانه سلوڪ جي تاريخ کان نوجوان نسل کي آگاھ ڪن ته جيئن انهن جي معصوم ذهنن کي ڪوئي به خراب نه ڪري سگهي. انهن جرت مندانه موقف اختيار ڪرڻ تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور 
کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ڪراچي آخر ڇو اچي رهيا آهن انهن اعلان ڪيو هو ته ڪراچي آپريشن جي مانيٽرنگ جي لاءِ هڪ ڪميٽي  بڻجندي ۽ جيڪو به گرفتار ٿيندو اهو عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو پر ائين نه ٿيو ۽ آپريشن جي نالي تي زيادتيون ٿينديون رهيون آهن. اسان پنهنجي شهيد ڪارڪنن جا جنازا کڻي ڪري وزير اعلٰي هائوس وياسين پر شهيدن جي پونئرن جي فرياد ٻڌڻ جي بجاءِ سيد قائم علي شاھ اسيمبلي ۾ چيو ته سي ايم هائوس تي ڌرڻو نه حملو ڪيو ويو آهي.انهن فرمايو ته اسان جي ڪارڪنن کي ماريو پيو وڃي ، انهن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو پيو وڃي، عدالتن ۾ پٽيشنون لڳايون وڃن ٿيون پر ٻڌڻي نه ٿي ٿئي. آخر اسان ڇا ڪريون. جناب الطاف حسين اعلان ڪيو ته آئنده  ايم ڪيو ايم جو هڪ به ڪارڪن شهيد ٿيو ته ٻئي ڏينهن احتجاجن ڦيٿو جام ٿيندو. جيڪي ماڻهو اڄ ظلم ڪري رهيا آهن اهي اهو ياد رکن ته سڀاڻي  مڪافات عمل جي تحت اهو انهن جي سامهون به ايندو.اڄ اڪثر ٽي وي ٽاڪ شوز ۾  ڪجھ شرڪاء چون ٿا ته 19 جون 1992 جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسر هڪ هڪ ڪري ماريا ويا پر اهي اهو نه ٻڌائين ته هر پوليس آفيسر 100 ،100 معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن کي ماورائي عدالت قتل به ڪيو هو. انهن فرمايو ته خدا جو قسم اسان انهن کي نه ماريو آهي. پر خراب ماڻهن جو انجام خراب ئي هوندو آهي.انهن فرمايو ته مان بدلي وٺڻ جو درس نه ٿو ڏيان پر جيڪي ماڻهو اڄ بي گناھ ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن کي حراست جي دوران ماورائي عدالت قتل ڪري رهيا آهن اهي ان ڳالھ کي سمجهن ته پنهنجن پيارن جي وحشياڻي قتل تي ڪنهن جو به مٿو ڦري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن شهيد جي پٽ يا ڀاءُ جو مٿو ڦري ويو ۽ ڪنهن ان جو بدلو وٺڻ جي قسم کاڌي ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير هوندو.آخر اسان ڪهڙي ڪهڙي شهيد جي ڀاءُ يا پٽ جو هٿ روڪينداسين؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو بدلو يا ردعمل نه بلڪه سائيڪوري ايڪشنري ايڪشن چورائي ٿو.انهن فرمايو ته جيڪي به قوتون ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪرائي رهيون آهن اهي ماورائي عدالت قتل بند ڪرائي ڇڏين . انهن فرمايو ته مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي پاڪستان جو نظام درست ڪرڻ جي لاءِ ڪوئي مصطفٰي 
ڪمال اتاترڪ موڪلي . جيڪڏهن ڪوئي ان کي بغاوت چوي ٿو ته اهو چوندو رهي.اهڙي بغاوت جيڪا ڪنهن جي مٿي کان چاڌر لاهڻ  جي لاءِ نه بلڪه مٿي تي چادر وجهڻ جي لاءِ هجي ته مان اهڙي بغاوت کي چمي ڏيان ٿو ڇو ته مان پاڻ باغي آهيان،مان باغي آهيان ان ڪرپٽ نظامو جي خلاف.انهن وڌيڪ فرمايو ته ملڪ کي بچائڻو آهي ته هڪ اتاترڪ گهرجي جيڪو ملڪ جي تمام سول ۽ فوجي ادارن ۾ ڇانٽي ڪري ۽ بي گناهن کي تڪليف پهچائڻ وارن سان نڀري. انهن فرمايو ته مون کي غريب سنڌين جي حالت ڏسي ڪري ڏک ٿئي ٿو، غريب سنڌي الطاف حسين سان گڏ اچي وڃن ڇو ته پي پي غريب سنڌين کي ڪجھ به نه ڏنو آهي ۽ نه ڏيندي.اهو ئي پيغام غريب پنجابين، پختونن، بلوچن ۽ ٻين قومن جي غريبن جي لاءِ به آهي ته اهي پنهنجي قسمت بدلڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جهڙي جماعت ۾ اچي وڃن. انهن فرمايو ته ڪجھ واپارين ۽ صنعتڪارن جن ۾ سراج قاسم تيلي، ميان زاهد حسين، ايس ايم منير ۽ ٻين صنعتڪارن جا نالا غلط فهمي جي ڪري ورتا، اهي ماڻهو جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن نه آهن پر اهي ايم ڪيو ايم جا دشمن به نه آهن ۽ اسان انهن جي خلاف نه آهيون. انهن پيمرا کان مطالبو ڪيو ته ڪجھ ٽي وي چينلن جي لائيسنس جي معاملي ۾ زيادتي بند ڪئي وڃي. اخبارن جا مالڪ صحافين جي ويج ايوارڊ تي عمل ڪن.

6/30/2024 9:29:45 AM