Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي تمام گهڻي اصرار ۽ درخواست تي تحريڪ جي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي تمام گهڻي اصرار ۽ درخواست تي تحريڪ جي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
 Posted on: 1/29/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي تمام گهڻي اصرار ۽ درخواست تي تحريڪ جي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
لنڊن؛ 29 جنوري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ جمع ٿيندڙ ڪارڪنن جي تمام گهڻي اصرار ۽ درخواست تي تحريڪ جي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. جناب الطاف حسين جي طرفان ته جمعي تي مان حيدرآباد ۾ پنهنجو آخري خطاب ڪندس، جو ٻڌي ڪري نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ جمع ٿي ويا. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ جڏهن ان ڳالھ کي ورجايو ته اسٽيبلشمينٽ مون کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي ۽ منهنجي ڪارڪنن کي ماريو پيو وڃي ان جي ڪري مان وڏي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته مان ايم ڪيو ايم جي قيادت کان دستبردار ٿي وڃان ۽ جمعي تي حيدرآباد ۾ پنهنجو آخري خطاب ڪري رخصت ٿي وڃان. جناب الطاف حسين جي اها ڳالھ ٻڌي ڪري ڪارڪن جذباتي ٿي ويا ۽ روئڻ لڳا ۽ اٿي بيهي ڪري نامنظور نامنظور جا نعرا لڳائيندا رهيا ۽ جناب الطاف حسين کان فيصلو واپس وٺڻ جو اصرار ڪندا رهيا.اهو سلسلو ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهيو. آخر ڪار ڪارڪنن جي پرزور اصرار ۽ درخواست تي جناب الطاف حسين اهو چئي ڪري قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو ته ساٿيو، خوش ٿي وڃو مان اوهان سان گڏ هلندس ۽ اوهان کي ڇڏي ڪري نه ويندس. جناب الطاف حسين جي اها ڳالھ ٻڌي ڪري سمورن ڪارڪنن ۾ زبردست جوش و خروش پيدا ٿي ويو ۽ اٿي بيهي ڪري زوردار نعرا هڻي ڪري انهن ان فيصلي جو زبردست خيرمقدم ڪيو.

6/30/2024 9:20:29 AM