Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه شڪارپور تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوگ ملهايو ويو ،ڪارا جهنڊا لهرايا ويا ۽ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني به ڪئي وئي.


 Posted on: 1/31/2015

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه شڪارپور تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوگ ملهايو ويو ،ڪارا جهنڊا لهرايا ويا ۽ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني به ڪئي وئي.
ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي؛ 31 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه شڪارپور تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوگ ملهايو ويو ،ڪارا جهنڊا لهرايا ويا ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ويون، جڏهن ته شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ۽ قرآن خواني به ڪئي وئي.ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور، رابطا ڪميٽي لنڊن انچارج ارشد حسين، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن،ذميوارن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي معروف عالم دين علامه عباس ڪميلي دعا ڪرائي جنهن ۾ انهن سانحه شڪارپور جي شهيدن جي مغفرت، زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي، ملڪ ۾ امن و امان جي قيام، مذهبي ۽ فرقي وارانه دهشت گردي جي خاتمي، تحريڪ جي ڪاميابي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ دعا ڪرائي وئي. اهڙي طرح اندرون سنڌ جي زونن حيدرآباد، ميرپور خاص، سانگهڙ، نواب شاھ، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو، بدين، ٺٽو، خيرپور، نوشهرو فيروز، سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، قمبر شهداد ڪوٽ، دادو ۽ ان کان علاوه اپر پنجاب، لوئر پنجاب ۽ سينٽرل پنجاب سميت پنجاب جي 37 ضلعن ۾ جڏهن ته خيبرپختونخواھ، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به يوم سوگ ملهايو ويو ۽ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي.

6/30/2024 9:31:36 AM