خيبرپختونخواھ ۾ عورتن ۽ استادن کي ٽريننگ ڏيڻ جي اقدام جو جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خير مقدم.
ملڪ جا ٻيا صوبا به خيبرپختونخواھ ۾ عورتن ۽ استادن کي ٽريننگ ڏيڻ جي اقدام جي پيروي ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيبرپختونخواھ ۾ عورتن ۽ استادن کي ٽريننگ ڏيڻ جي اقدام جو زبردست خيرمقدم ڪيو آهي ۽ ٽريننگ جي عمل کي دهشت گردي جي خلاف جاري جنگ کي کٽڻ جي لاءِ اهم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته ملڪ ۾ دهشت گردي جا واقعا ۽ سانحه پشاور کان پوءِ ڪي پي ڪي ۾ عورتن ۽ استادن کي ٽريننگ ڏيڻ جو اقدام نه صرف مثبت آهي بلڪه ٻين صوبن جي لاءِ به قابل تقليد آهي. انهن فرمايو ته ڪي پي ڪي وانگر جيڪڏهن ملڪ ۾ عورتون ۽ استاد ٽرينڊ ٿيندا ته اهي وحشي دهشت گردن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا ۽ انهن کي جهنم ۾ داخل ڪري سگهن ٿا. انهن فرمايو ته عورتن ۽ استادن کي ٽريننگ ڏيڻ جو اقدام ڪي پي ڪي ۽ سڄي ملڪ جي لاءِ سٺو سنوڻ آهي ۽ ان اقدام سان ملڪ ۾ دهشت گردي جي خلاف جنگ کٽڻ جون اميدون وڌي ويون آهن.