Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪليم کي ڪلفٽن گلف شاپنگ مال ۾ انهن جي ٽيلرنگ جي دڪان تان 25 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو هو. ايم ڪيو ايم ترجمان.


ڪليم کي ڪلفٽن گلف شاپنگ مال ۾ انهن جي ٽيلرنگ جي دڪان تان 25 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو هو. ايم ڪيو ايم ترجمان.
 Posted on: 3/18/2015
ڪليم کي ڪلفٽن گلف شاپنگ مال ۾ انهن جي ٽيلرنگ جي دڪان تان 25 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو هو. ايم ڪيو ايم ترجمان.
ڪليم جي گرفتاري جي خلاف انهن جي والده محترمه قافيه بيگم 26 فيبروري تي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن به دائر ڪئي هئي.
ان پٽيشن جي سماعت جي لاءِ سنڌ هائي ڪورٽ  جسٽس عليم شيخ ۽ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي تي مشتمل بينچ به تشڪيل ڏنو هو.ڪالھ مورخه 19 مارچ تي ان پٽيشن جي سماعت آهي.ايم ڪيو ايم ترجمان.
ڪراچي؛ 18 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته رينجر جي طرفان اڄ تين تلوار تان سرچ آپريشن ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن عبدالڪليم کي گرفتار ڪرڻ جو دعوٰي ڪيو آهي ۽ ڪليم کي زهره شاهد جي قاتل جي طور تي پيش ڪيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته عبدالڪليم جي ڪلفٽن جي علائقي گلف شاپنگ مال ۾ پنهنجي ٽيلرنگ جي دڪان آهي ۽ ڪليم کي رينجر 25 فيبروري تي انهن جي دڪان تان گرفتار ڪيو هو ۽ گرفتاري کان پوءِ اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو هو. عبدالڪليم جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن رينجر جي مقامي آفيسرن سان به رابطو ڪيو هو. عبدالڪليم جي گرفتاري جي خلاف انهن جي والده محترمه قافيه بيگم 26 فيبروري تي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن به دائر ڪئي هئي جنهن جو نمبر ڊي ٽي ڊي _ 2015 ،1078 آهي. ان پٽيشن جي سماعت جي لاءِ سنڌ هائي ڪورٽ جسٽس عليم شيخ ۽ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي تي مشتمل بينچ به تشڪيل ڏنو هو ۽ ڪالھ مورخه 19 مارچ تي ان پٽيشن جي سماعت آهي پر اها ڳالھ وڏي افسوسناڪ ۽ حيرت انگيز آهي ته عبدالڪليم جي گرفتاري اڄ ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ اهو الزام به لڳايو ويو آهي ته اهي زهره شاهد جي قتل ۾ ملوث آهن. ترجمان چيو ته ان حقيقت جي روشني ۾ عوام پاڻ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ڪليم تي عائد ڪيل الزامن ۾ ڪيتري سچائي ٿي سگهي ٿي. ترجمان ميڊيا کي به گذارش ڪئي ته اهي به انهن حالتن ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪندي انهن واقعن جي پاڻ  تحقيقات ڪن، پوليس ۽ سرڪاري ادارن جي جاري ڪيل پريس رليزن جي بنياد تي ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل کان پاسو ڪن  ۽ ڪنهن به سرڪاري اداري جي طرفان عائد ڪيل الزامن جي بنياد تي ڪنهن به ڏوهاري کي مجرم بڻائي ڪري پيش نه ڪن.

7/17/2024 2:38:09 PM