Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رڪاوٽون هٽائڻ جي الٽيميٽم جو مدو پورو ٿيڻ جي باوجود رينجر نه ته رڪاوٽن کي ختم ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت جي آفيس تي ڇاپو هنيو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن جو بيان.


رڪاوٽون هٽائڻ جي الٽيميٽم جو مدو پورو ٿيڻ جي باوجود رينجر نه ته رڪاوٽن کي ختم ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت  جي آفيس تي ڇاپو هنيو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن جو بيان.
 Posted on: 3/24/2015
رڪاوٽون هٽائڻ جي الٽيميٽم جو مدو پورو ٿيڻ جي باوجود رينجر نه ته رڪاوٽن کي ختم ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت  جي آفيس تي ڇاپو هنيو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن جو بيان.
لنڊن؛ 24 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن پنهنجي هڪ بيان ۾ قوم جي هڪ هڪ ماڻهو کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته جنهن انداز ۾ سنڌ ۾ رينجر جي آفيسرن ۽ جوانن غريبن جي واحد نمائنده  جماعت ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي گهر تي ڇاپو هنيو هو ۽ ڏيڍھ سو جي لڳ ڀڳ پاڙي وارن ۽ نائن زيرو جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو هو.ان کان پوءِ رينجر اعلان ڪيو هو ته سمورن هنڌن کان نه صرف رڪاوٽون هٽايون وينديون بلڪه ڇاپا هڻڻ جو اهو عمل به بغير ڪنهن فرق جي سياسي جماعتن جي خلاف جاري رهندو. رابطا ڪميٽي چيو ته شهر جي مختلف پاڙن جي رهاڪن کي رڪاوٽون ختم ڪرڻ خصوصن سياسي جماعتن جي مرڪزي آفيسن تي بيهاريل رڪاوٽن ۽ بيريئرن کي هٽائڻ جي لاءِ ڏنل الٽيميٽم جو مدو رات 12 هين وڳي يعني 23 مارچ جي رات ختم ٿي ويو. قوم جو ٻچو ٻچو ۽ هر عقل وارو حيرت زده آهي ته مدو ختم ٿيڻ جي باوجود رينجر ڪنهن به هنڌ تي رڪاوٽن ۽ بيريئرن کي نه ته ختم ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت جي آفيس تي ڇاپو هنيو . رابطا ڪميٽي  چيو ته عوام رينجر جي ٻٺي معيار تي مايوس ۽ غم زده ٿي ويا آهن ۽ هڪ ٻئي کان سوال پڇي رهيا آهن ته رينجر جو اهو دعوٰي ته بغير ڪنهن فرق جي ڪاروائي ٿيندي، ڇا اهو صرف هڪ نعرو هو؟

7/17/2024 2:41:05 PM