Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جيڪو چوندا اهو قانون ، جتي هلندا اهو رستو ۽ جتي رڪجندا اها اسان جي منزل هوندي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


جناب الطاف حسين جيڪو چوندا اهو قانون ، جتي هلندا اهو رستو ۽ جتي رڪجندا اها اسان جي منزل هوندي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 3/18/2015
جناب الطاف حسين جيڪو چوندا اهو قانون ، جتي هلندا اهو رستو ۽ جتي رڪجندا اها اسان جي منزل هوندي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ايم ڪيو ايم جي 31 هين يوم تاسيس ۾ لکين ماڻهو جناب الطاف حسين جي صداقت جي گواهي ڏيئي رهيا آهن. حيدرعباس رضوي.
ايم ڪيو ايم کي ڏوهاري ماڻهن جي جماعت بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي ۽ عدالتن ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ کان اڳ ئي ان جو ميڊيا ٽرائل ڪرڻ جو بدترين عمل ڪيو پيو وڃي. قمر منصور.
اڄ ڄمي ڪري بيهڻ جي گهڙي آهي، الله سائين سان عهد ڪري وٺون ته ڀلي موت اچي وڃي پر اسان پوئتي نه هٽنداسين. بيرسٽر محمد علي سيف.
31 هين يوم تاسيس جي جلسي کي خطاب.
ڪراچي؛ 18 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جناب الطاف حسين جيڪو چوندا اهو قانون، جتي هلندا اهو رستو ۽ جتي رڪجندا اها اسان جي منزل هوندي، اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم جي 31  هين يوم تاسيس کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، قمر منصور، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم جي 31 ساله جدوجهد وفا ۽ قرباني سان ڀريل آهي ۽ اهي 31 سال قوم جي لاءِ هڪ سائو وڻ ۽ مظبوط عمارت آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جيڪي چوندا اهو قانون، جتي هلندا اهو رستو ۽ جتي بيهندا اها اسان جي منزل هوندي. انهن 31 هين يوم تاسيس جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ سمورن ڪارڪنن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد به پيش ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو ته ميڊيا ۽ ڊرائنگ روم ۾ ويهي ڪري سياست ڪرڻ وارا ماڻهو اڄ ايم ڪيو ايم جي 31 هين يوم تاسيس کي پيمانو بڻائي ڪري اهو ڏسڻ جي لاءِ ويٺا آهن ته اڄ يوم تاسيس تي ڪيترا ماڻهو ايترين مشڪلاتن ، سازشن ۽ خوف واري جلسي ۾ شامل ٿيندا. انهن انهن تمام امڙين کي سلام پيش ڪندي چيو جن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ايماندار ، ثابت قدم ۽ وفادار ساٿين کي پيدا ڪيو ته جيئن اهي جناب الطاف حسين جي صداقت جي گواهي ڏيڻ جي لاءِ هتي اچن ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اٿندڙ بيهوده سوالن کي ختم ڪري ڇڏين. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور چيو ته ايم ڪيو ايم جهڙي هڪ اهڙي سياسي جماعت جيڪا پنهنجي خاصيت ۽ صلاحيتن جي اعتبار سان پاڪستان جي واحد جماعت آهي پر ان کي ٽارگيٽ ڪلر ۽ ڀتا خور بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته جيڪي ماڻهو اسلام آباد ۾ پي ٽي وي تي حملو ڪن ، ڪنٽينر تي بيهي ڪري رينجر ۽ پوليس وارن کي للڪارين ته انهن جي خلاف تي ڪائي به ايف آئي آر نه ٿي ڪٽجي، رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ چيو ته اڄ جناح گرائونڊ ۾ عوام جو سمنڊ ان ڳالھ جي گواهي ڏيئي رهيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي دنيا جي ڪائي به طاقت شڪست ڏيئي نه ٿي سگهي.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار مختصر خطاب ڪندي چيو ته مان ڪارڪنن کي 31 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو،حق پرست سينيٽر بيرسٽر محمد علي چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر حق ۽ باطل جو معرڪو شروع ٿي چڪو آهي ۽ ظالم نئين شڪل ۾ سامهون اچي چڪو آهي، بندوق جي زور تي حق کي ڌٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي  پر ياد رکو حق جي آواز ڪڏهن به ڌٻجي نه ٿي سگهي. حق پرست سنڌ اسيمبلي ميمبر هير سوهو چيو ته اسان حالات ڏسي ڪري قائد نه ٿا بدليون پر اسان قائد جي حڪم تي حالات بدلي ڇڏيندا آهيون. منهنجو مڙس جيل ۾ آهي اهو ڀڄندو نه ۽ نه جهڪندو ۽ نه جناب الطاف حسين کي ڌوڪو ڏيندو. جلسي کي سينيٽر طاهر مشهدي، شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي، رئوف صديقي ۽ يوسف شاهواڻي به خطاب ڪيو.

7/17/2024 2:23:33 PM