Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرام باغ ۾ بوهري برادري جي برهاني مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


آرام باغ ۾ بوهري برادري جي برهاني مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 3/20/2015
آرام باغ ۾ بوهري برادري جي برهاني مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن ۽ ننڍين برادرين جي جان و مال عدم تحفظ جو شڪار آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 20 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي آرام باغ ۾ بوهري برادري جي برهاني مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ بم ڌماڪي ۾ ٻن ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪجھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته يوحانا آباد لاهور ۾ پرامن ۽ محب وطن مسيحي برادري جي ٻن عبادتگاهن کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ هاڻي هڪ ٻئي پرامن مذهبي برادري کي نشانو بڻايو ويو آهي. دهشت گردي جا اهي واقعا ان ڳالھ جو واضع ثبوت آهن ته پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن ۽ ننڍين برادرين جي جان و مال عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ وحشي دهشت گردن جي طرفان بي گناھ شهرين کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي ڪري پاڪستان کي ڪمزور ۽ سڄي دنيا ۾ بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته بوهري برادري انتهائي شريف، ڪاروباري ۽ قانون پسند شهرين تي ٻڌل برادري آهي جنهن جو پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ناقابل فراموش ڪردار آهي. جيڪي عناصر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ وارن شهرين کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن اهي ملڪ ۽ قوم جا کليل دشمن آهن. انهن فرمايو ته ملڪ جو ان حوالي سان وڏو الميو ٻيو ڇا ٿيندو جو سمورين سيڪيورٽي فورسز ۽ ميڊيا چينلن کي ملڪ جي سڀني کان روشن خيال، لبرل، ترقي پسند ۽ محب وطن ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ تي لڳايو ويو آهي. جڏهن ته دهشت گرد کلي عام بم ڌماڪا ڪندا پيا وتن. آخر قوم کي اهو ڪير ٻڌائيندو ته انهن دهشت گردن جي سرپرستي ڪرڻ وارا ڪهڙا طاقتور عناصر آهن جو جن جا چهرا ڪڏهن به بي نقاب نه ٿا ٿين. جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بوهري برادري کي دهشت گردي جو بڻائڻ وارن دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن  جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ سڄي ملڪ جي شهرين جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين برهاني مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين  جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.

7/17/2024 2:35:52 PM