Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ پرامن ۽ آزاد خيال معاشري جي خواهشمند آهي جتي سڀ هڪ ٻئي جو احترام ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ پرامن ۽ آزاد خيال معاشري جي خواهشمند آهي جتي سڀ هڪ ٻئي جو احترام ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/23/2015
ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ پرامن ۽ آزاد خيال معاشري جي خواهشمند آهي جتي سڀ هڪ ٻئي جو احترام ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
يوم پاڪستان جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي قوم کي دلي مبارڪباد پيش.
لنڊن؛ 23 مارچ 2015 
           ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين يوم پاڪستان جي موقعي تي سمورن پاڪستانين کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ پاڪستان کي مختلف طرفن کان اندرين ۽ ٻاهرين خطرن جو سامنو آهي. اهڙي وقت ۾ سخت ضرورت آهي ته پاڪستان ۾ قرارداد پاڪستان جي اصل روح جي مطابق هڪ جمهوري ۽ متوازن معاشري جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ ملڪ ۾ وسندڙ تمام ماڻهن کي بغير ڪنهن فرق جي انهن جا حق ڏنا وڃن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم قرارداد پاڪستان جي مطابق ملڪ و قوم کي فرسوده جاگيرداراڻه نظام کان نجات ڏيارڻ چاهي ٿي ۽ پاڪستان ۾ صحيح معنٰي ۾ عوامي جمهوريت جي قيام جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ پرامن ۽ آزاد خيال معاشرو قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، جتي هر مذهب، زبان، عقيدي  ۽ مسلڪ جي مڃڻ وارن کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جي آزادي هجي ۽ سڀئي هڪ ٻئي جو احترام ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته موجوده حالتن ۾ نوجوان نسل کي گهرجي ته اها قرارداد پاڪستان جي اصل روح جو مطالعو ڪري پاڪستان ۾ پرامن معاشري جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن ملڪ کي دنيا جي روشن خيال ۽ ترقي يافته ملڪن جي لائين ۾ بيهاري سگهجي.

7/17/2024 2:27:16 PM