Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ رينجر جي اهلڪارن تي خودڪش حملو قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ رينجر جي اهلڪارن تي خودڪش حملو قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/20/2015
ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ رينجر جي اهلڪارن تي خودڪش حملو قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
طالبان ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد ان کان اڳ به نارٿ ناظم آباد ۾ رينجر جي هيڊڪوارٽر، پوليس ۽ رينجر کي نشانو بڻائي چڪا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 20 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ خودڪش بم ڌماڪي جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي ۾ ٻن رينجر اهلڪارن جي شهادت ۽  ٻين اهلڪارن ۽ رستي ويندڙ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته طالبان ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد ان کان اڳ به نارٿ ناظم آباد ۾ رينجر جي هيڊڪوارٽر ۽ پوليس ۽ رينجر جي موبائيلن کي نشانو بڻائي چڪا آهن ۽ اڄ وري رينجر جي موبائيل کي دهشت گردي جو نشانو بڻايو ويو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته طالبان ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد هڪ طرف ته رينجر ۽ پوليس کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف اهي دهشت گرد مسجدن، امام بارگاهن، اسڪولن ۽ ٻين سرڪاري تنصيبات کي به مسلسل نشانو بڻائي رهيا آهن پر افسوسناڪ ڳالھ اها آهي ته انهن دهشت گرد تنظيمن جي دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي بيگناھ ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪاروائيون ڪرڻ جي بجاءِ رياستي ادارن ۽ شهرين کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارن انهن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جناب الطاف حسين خودڪش بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ رينجر اهلڪارن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن ۽ رستي ويندڙ ماڻهن جي لاءِ مڪمل صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.

7/17/2024 2:22:30 PM