Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ( سي اِي سي) جي ٻيهر تشڪيل ڪئي وئي آهي.


ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ( سي اِي سي) جي ٻيهر تشڪيل ڪئي وئي آهي.
 Posted on: 3/22/2015
ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ( سي اِي سي) جي ٻيهر تشڪيل ڪئي وئي آهي.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي نون ميمبرن جي نالن جو اعلان  ڪري ڇڏيو.
سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ايم ڪيو ايم جو آئين تشڪيل ڏيندي ۽ موجوده آئين ۾ ترميم به ڪري سگهندي.
خوف ۽ ڏاڍ جو ڪوئي به هٿڪنڊو ايم ڪيو ايم جي ذميوارن کي خوف زده نه ٿو ڪري سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 22 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اعلان ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سابقه سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل کي وڌيڪ فعال ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ ان کي ٻيهر تشڪيل ڏنو ويو آهي ۽ رابطا ڪميٽي پاڻ ۾ مشورو ڪري سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل( سي اِي سي) ۾ نون ميمبرن کي  شامل ڪيو آهي. اهو اعلان انهن ايم ڪيو ايم جي مختلف شعبن جي ميمبرن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين حق پرست شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو ته حق پرستانه جدوجهد جي 37 سالن جي دوران تحريڪ باھ ۽ رت جا درياھ عبور ڪندي رهي آهي ۽ آزمائشن مان گذرندي رهي آهي. ان دوران هزارين بهادر ساٿي انهن آزمائشن کي منهن ڏيندي شهادت جو درجو حاصل ڪري ويا. مان انهن تمام شهيدن جي قربانين کي سلام عقيدت پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ماضي ۾ جڏهن به تحريڪ تي آزمائش جا مرحلا آيا ته گهڻا ئي مرڪزي ذميوار، شعبن جا ميمبر ۽ سيڪٽرن جا ڪجھ ميمبر حالتن جي ڏاڍ ۽ ظلم کان ڊڄي ڪري خاموش ٿي ويا، بددل ٿي ويا يا اهي اسٽيبلشمينٽ جي بيان ڪيل طور طريقن تي هلي ڪري اهو سمجهڻ لڳا ته شايد اهڙي طرح قوم کي بچائي وٺبو پر اڄ اهي سڀ ان نتيجي تي پهتا آهن ته انهن سان ڪوڙ ڳالهايو ويو ۽ انهن کي ڌوکو ڏنو ويو هو. انهن فرمايو ته حق پرستي جي تحريڪ تي ان کان پوءِ به امتحان ايندا رهيا ۽ حاليه ڏينهن ۾ جڏهن تحريڪ کي سخت آزمائش جو سامنو ڪرڻو پيو ته انهي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، شعبن جي ذميوارن ۽ سيڪٽر ۽ يونٽن جي ساٿين همت ۽ بهادري سان حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ ڄميا رهيا.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڏکين حالتن ۽ ڏاڍ جو سامنو ڪندي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن جي دلين مان خوف جو عنصر ختم ٿي چڪو آهي ان جي ڪري سمورين قوتن کي ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته خوف ۽ ڏاڍ جو ڪوئي به هٿڪنڊو ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ، شعبن جي ميمبرن، بزرگن، عورتن ۽ نوجوان ساٿين کي نه ته خوف زده ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي انهن کي حق جي رستي تان هٽائي سگهي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪالھ تائين ايم ڪيو ايم جا مخالف ٽي وي تي خوش ٿي رهيا هئا ته هاڻي ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي پر اڄ اهي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو جوش ڏسي وٺن ته انهن جي گهرن ۾ ماتم مچي وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڪم کي سڄي ملڪ ۾ ڦيلائڻ جي لاءِ سي اِي سي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ سي اِي سي ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي. جيڪي اڄ کان ئي تنظيمي ڪم شروع ڪري ڇڏيندا.سي اِي سي جا ميمبر ڪراچي جي 26 سيڪٽرن سان گڏو گڏ نه صرف سنڌ بلڪه گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ جي تنظيمي معاملن کي ڏسندا ۽ سڄي ملڪ ۾ تنظيمي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي کي 
پنهنجيون سفارشون به پيش ڪندا.انهن فرمايو ته سي اِي سي جي حيثيت ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽ جهڙي هوندي جنهن جا ميمبر بااختيار هوندا. اها ايم ڪيو ايم جو آئين تشڪيل ڏيندي ۽ ايم ڪيو ايم جي موجوده آئين ۾ ترميم به ڪري سگهندي ۽ انهن کي غير تنظيمي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي معطلي يا اخراج جي سفارش ڪرڻ جو به اختيار هوندو.ان موقعي تي جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي مشوري سان ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي نون نالن جو اعلان به ڪيو. نالا هي آهن.احمد سليم صديقي، طارق جاويد، امين الحق، توصيف خانزاده، شاڪر علي، ڪنور خالد يونس، محترمه نسرين جليل، عادل صديقي، بابر غوري، ڊاڪٽر صغير احمد، جاويد ڪاظمي، رشيد گوڏيل، سليم تاجڪ، وسيم اختر، شاهد لطيف، اشفاق منگي، يوسف شاهواڻي، افتخار رنڌاوا، سيف يار خان، ابوبڪر صديقي، انور عالم، محترمه ڪشور زهرٰي، محترمه زرين مجيد، نعيم صديقي، محترمه هير سوهو، نائله لطيف، شبير قائمي ۽ عمر قريشي شامل آهن. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڻ ۾ مشوري کان پوءِ سي اِي سي ۾ وڌيڪ نالا به شامل ڪندي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي، رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر محترمه ممتاز انوار کي رابطا ڪميٽي ۾ ٻيهر شامل ڪيو ويو آهي.

7/17/2024 2:40:18 PM