Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم نيو ڪراچي سيڪٽر جي انچارج علي رضا ولد شميم رضا جي گلستان جوهر مان عارضي


سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم نيو ڪراچي سيڪٽر جي انچارج علي رضا ولد شميم رضا جي گلستان جوهر مان عارضي
 Posted on: 3/19/2015
سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم نيو ڪراچي سيڪٽر جي انچارج علي رضا ولد شميم رضا جي گلستان جوهر مان عارضي
رهائشگاھ کان بغير ڪنهن جواز جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي ؛ 19 مارچ 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم نيوڪراچي جي  سيڪٽر انچارج علي رضا ولد شميم رضا جي گلستان جوهر مان عارضي رهائشگاھ کان غير قانوني ڇاپي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ڇاپا ۽ گرفتاريون ۽ ڪوڙن مقدمن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي ملوث ڪري اسان جا حوصلا ڪمزور ڪري نه ٿا سگهجن ۽ نه ئي حق پرستي جي جدوجهد کان باز رکي سگهجي ٿو. رابطا ڪميٽي چيو ته سرڪاري حراست ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري انهن کي اقبالي بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ پرامن جماعت کي ڏوهاري جماعت بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه به رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل 6 ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 13 مارچ تي ناظم آباد گلبهار سيڪٽر جي جوائنٽ انچارج حسن ولد سيد محمد عسڪري، برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 22 جي همدرد سهيل کوکر ، 15 مارچ تي برنس روڊ سيڪٽر جي همدرد عمران الدين ولد اسلم الدين، ڪارڪن عثمان احمد ولد اڪرام الدين، اورنگي ٽائون يونٽ 118 بي جي ڪارڪن نبي حسن عرف جهانگير، قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 132 جي ڪارڪن محمد قاسم، رنڇوڙ لائين سيڪٽر يونٽ 34 جي ڪارڪن رضوان، 16 مارچ تي قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 132 جي ڪارڪن محمد ناصر، نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 137 اي جي ڪارڪن ڪليم ، 17 مارچ تي لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 196 جي ڪارڪن سيد باقر رضا، اورنگي ٽاوئون سيڪٽر يونٽ 124 جي ڪارڪن محمد آصف ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 74 جي ڪارڪن شاهد، 18 مارچ تي پي آئي بي سيڪٽر يونٽ 56 جي ڪارڪن رضوان ، قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 131 جي ڪارڪن ارسلان ، قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 130 جي ڪارڪن عبدالمعيد عرف نديم، يونٽ 132 قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر جي ڪارڪن نديم احمد جڏهن ته 19 مارچ تي نيو ڪراچي سيڪٽر يونٽ 141 جي ڪارڪن شهزاد خان ۽ يونٽ 141 جي ئي ڪارڪن سلمان  کي سرڪاري اهلڪارن  گرفتار ڪيو ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻائيندي انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. رابطا ڪميٽي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي ڇاپن ۽ گرفتارين جي دوران صبر جو دامن پنهنجن هٿن مان نه ڇڏين ۽ پنهنجي اتحاد کي قائم رکن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي انهن ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي ۽ ان ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جو محاسبو ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٿيلن کي فوري تي آزاد ڪرايو وڃي. 

7/17/2024 2:36:49 PM