Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي ، قمر منصور، سنڌ اسيمبلي ميمبر رئوف صديقي ۽ سابق سينيٽر بابر غوري جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ قابل مذمت آهي.


رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي ، قمر منصور، سنڌ اسيمبلي ميمبر رئوف صديقي ۽ سابق سينيٽر بابر غوري جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ قابل مذمت آهي.
 Posted on: 3/20/2015
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي ، قمر منصور، سنڌ اسيمبلي ميمبر رئوف صديقي ۽ سابق سينيٽر بابر غوري جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ قابل مذمت آهي.
ڪراچي؛ 20 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪجھ ٽي وي چينلن تي نشر ٿيندڙ خبرن جي مطابق ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي ۽ قمر منصور، سنڌ اسيمبلي ميمبر رئوف صديقي ۽ سابق سينيٽر بابر غوري جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان قدم کي ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري انتقامي ڪاروائين جو تسلسل قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جماعت اسلامي جي رهنمائن جي گهرن کان القائده جا وڏا وڏا دهشت گرد گرفتار ٿيا، سريلنڪا جي ٽيم تي حملو ڪرڻ وارن دهشت گردن منصوره ۾ قيام ڪيو، جماعت اسلامي جي رهنمائن کلي عام فوج جي خلاف بيان ڏنا پر اڄ تائين جماعت اسلامي جي رهنمائن يا طالبان دهشت گردن سان تعاون ڪرڻ وارن جا نالا  نه ته اي سي ايل ۾ وڌا ويا ۽ نه اڄ تائين انهن جي خلاف ان قسم جي ڪاروائي ڪئي وئي. پر ڊيٿ سيل ۾ غيرقانوني طور تي هڪ قيدي جي ڏنل بيان جي بنياد تي ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا آهن. جيڪو سراسر ظلم آهي. ان اقدام سان ايم ڪيو ايم کي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي ڪاروائين جو حصو آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ان اقدام کي عدالت ۾ چيلنج ڪندي ۽ ان قسم جي ظالمانه هٿڪنڊن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائيندي.

7/17/2024 2:20:53 PM