Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد اعظم محمد علي جناح جي خواب جي مطابق پاڪستان ۾ جمهوري ۽ لبرل معاشرو قائم ڪرڻ گهرون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


قائد اعظم محمد علي جناح جي خواب جي مطابق پاڪستان ۾ جمهوري ۽ لبرل معاشرو قائم ڪرڻ گهرون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/21/2015
قائد اعظم محمد علي جناح جي خواب جي مطابق پاڪستان ۾ جمهوري ۽ لبرل معاشرو قائم ڪرڻ گهرون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انتها پسند عناصر جي هٿان بي گناھ عيسائين ۽ ٻين اقليتن جي قتل جي سخت مذمت ڪريون ٿا.
ايم ڪيو ايم جي 31 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ شڪاگو، نيويارڪ، ٽورنٽو، ڪيلگري ۽ مونٽريال سميت آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي 40 کان وڌيڪ شهرن ۾ منعقد ٿيندڙ اجتماعن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 21 مارچ 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان کان فرسوده جاگيردارانه نظام ۽ ڪرپٽ پوليٽيڪل ڪلچر جو خاتمو چاهيون ٿا ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي خواب جي مطابق پاڪستان ۾ جمهوري ۽ لبرل معاشرو قائم ڪرڻ گهرون ٿا ۽ اسان پاڪستان ۾ اهڙو منصفانه نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن جي تحت ملڪ ۾ وسندڙ تمام شهري برابر هجن ۽ سڀني کي رنگ و نسل، زبان، جنس ، قوميت، مسلڪ، فقه ۽ مذهب جي امتياز کان سواءِ برابر جا حق حاصل هجن. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي 31 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ شڪاگو، نيويارڪ، ٽورنٽو، ڪيلگري ۽ مونٽريال سميت آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي 40 کان وڌيڪ شهرن ۾ منعقده اجتماعن کي هڪ ئي وقت خطاب ڪندي فرمايو. انهن اجتماعن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن  وڏي 
تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم تشدد ۽ عسڪريت پسندي تي يقين نه ٿي رکي، ان جي صفن ۾ ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي. ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۾ زيرو ٽوليرنس آهي. انهن نائن زيرو تي چاپي جي دوران فائرنگ سان ايم ڪيو ايم جي نوجوان ڪارڪن سيد وقاص علي شاھ شهيد جي شهادت جو ذڪر ڪندي انهن کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو. انهن فرمايو ته فوج ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ضرب عضب ۾ مصروف آهي، جيتوڻيڪ اسان سان زيادتيون ٿي رهيون آهن پر پوءِ به اسان ملڪي مفاد خاطر پاڪ فوج سان گڏ آهيون. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي مان جنم ورتو. ان جي صفن ۾ ڪوئي به وڏيرو يا جاگيردار نه آهي. ايم ڪيو ايم ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارن نوجوانن کي اسيمبلين ۾ موڪليو. جڏهن ايم ڪيو ايم جو پيغام ڪراچي کان نڪري ڪري سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن، بلوچستان. پنجاب، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽  آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦيلجڻ لڳو ته ظالم قوتن ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون شروع ڪري ڇڏيون. جنهن جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم 1988 کان وٺي عام اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي پر اڄ تائين نه ته الطاف حسين اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ نه ئي ان جو ڪوئي ڀاءُ، ڀيڻ، ڀاڻيجو يا ڀاڀيٽيو ايم اين اي يا ايم پي اي بڻيو آهي. انهن ايم ڪيو ايم جي منشور تي روشني وجهندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم لبرل، روشن خيال ۽ جمهوريت پسند جماعت آهي جيڪا مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي تي يقين رکي ٿي. ايم ڪيو ايم ۾ سني، شيعه، ديوبندي، بريلوي، اهل حديث ۽ ٻين مسلڪن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن سان گڏو گڏ سک، عيسائي، پارسي، بوهري ۽ تمام مذهبن جي مڃڻ وارا ماڻهو به شامل آهن. پر اسان وٽ سڀ برابر آهن. ڪوئي به ڪنهن کان نفرت نه ٿو ڪري. اسان ملڪ ۾ اهڙو نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا جتي ڪنهن به فقه، مسلڪ يا مذهب جي مڃڻ واري سان ڪائي به نفرت يا فرق نه ڪيو وڃي. سڀني سان برابري جو سلوڪ ڪيو وڃي. سڀ شهري بغير ڪنهن خوف جي آزادي سان رهي سگهن ۽ پنهنجي مذهبي عقيدي جي مطابق زندگي گذاري سگهن. مذهب انسان جو ذاتي عقيدو هوندو آهي. ان جي ڪري اسان بندوق يا ڏنڍي جي زور تي پنهنجي شريعت يا عقيدو ٻين تي مسلط ڪرڻ جي خلاف آهيون. اسان طالبان، القائده ۽ داعش جي هٿان بي گناھ مسلمانن جي قتل جي مذمت سان گڏو گڏ انتها پسند عناصر جي هٿان بي گناھ عيسائين ۽ ٻين اقليتن جي قتل جي به سخت مذمت ڪريون ٿا. اسان پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن کي برابر جو پاڪستاني مڃون ٿا. اسان سمجهون ٿا ته تمام مذهبي اقليتن جي جان و مال، عزت  ۽ عبادت گاهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. خارجه پاليسي جي حوالي سان انهن فرمايو ته اسان تمام پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي دوستانه ۽ باعزت  تعلقات چاهيون ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ملڪ کان ٻٺو تعليمي نظام ختم ڪري يڪسان نظام تعليم رائج ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان اهڙو نظام قائم ڪرڻ گهرون ٿا جتي عام گرامر اسڪول کان وٺي ڪري ايچي سن ڪاليج تائين هر جڳھ تي صرف ميرٽ جو نظام هجي ۽ هر ماڻهو کي ڀلي اهو امير هجي يا غريب هجي ان کي ميرٽ ۽ صلاحيت جي مطابق داخلا ملي. جناب الطاف حسين فرمايو ته تعليمي ڪاميابي ترقي جي چاٻي آهي ان جي ڪري ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته تعليمي بجيٽ ۾ وڏو اضافو ڪري ملڪ ۾ وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا ويندا ۽ ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ اعلٰي معيار جي ننڍن وڏن اسپتالن ، ڊسپينسرين ۽ ننڍين صنعتن جو ڄار وڇايو ويندو. صنعتن جي فروغ جي لاءِ ون ونڊو آپريشن رائج ڪيو ويندو، زندگي  جي تمام شعبن ۾ عورتن جي لاءِ 50 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو ويندو. زرخير زمين هارين ۽ ڪڙمين ۾ ورهائي ويندي. بهتر حڪمراني قائم ڪئي ويندي. برطانيه وانگر پاڪستان کي هٿيار فري ملڪ بڻايو ويندو ۽ پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان سواءِ ڪنهن کي به هٿياررکڻ جي اجازت نه هوندي. لوڪل گورنمينٽ سسٽم جي تحت اختيارن کي هيٺين سطح تي منقتل ڪيو ويندو ۽ امن و امان کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٽائون جي سطح تي مقامي پوليس ڀرتي ڪئي ويندي. جناب الطاف حسين ان موقعي تي وزير اعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيه سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين کي نه صرف ووٽ جو حق ڏنو وڃي بلڪه پاڪستان جي اسيمبلين ۽ سينيٽ جو اليڪشن وڙهڻ جو حق به ڏنو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ عائد پابندي ختم ڪئي وڃي.

7/17/2024 2:28:29 PM