Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن جيڪي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نوان رستا کولي سگهن ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن جيڪي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نوان رستا کولي سگهن ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/23/2015
نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن جيڪي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نوان رستا کولي سگهن ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان ۾ تعليم، صحت، حڪومت، قانون ۽ هر شعبي ۾ ٻٺو معيار آهي، هڪ قانون غريبن ۽ ٻيو قانون اميرن جي لاءِ آهي.
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ برطانيه جي مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 23 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن جيڪي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيون راهون کولي سگهن ٿا. ان جي ڪري اڄ جي نوجوانن تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ برطانيه جي مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي خواهش تي برطانيه جي نوجوانن ۾ تحريڪ جو پيغام ڦيلائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم يوٿ ونگ قائم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تعليم، صحت، حڪومت، قانون ۽ هر شعبي ۾ ٻٺو نظام آهي. ملڪ ۾ هڪ قانون غريبن ۽ ٻيو قانون اميرن جي لاءِ آهي. اسان جا تعليمي ادارا به ٻن طرحن جا آهن. هڪ اميرن جي ٻارن جي لاءِ آهي جتي اعلٰي سهولتن سان گڏو گڏ نصاب به اوليول جو هوندو آهي. جڏهن ته ٻيا اسڪول سرڪاري آهن. جنهن ۾ غريبن جا ٻار به زمين تي تڏي تي ويهي يا ڀڳل بينچن تي ويهي ڪري پڙهن ٿا. تعليمي ادارن وانگر اسان جا اسپتال به ٻن طرحن جا آهن ، هڪ اميرن جي لاءِ جتي جديد طريقن تي علاج ٿئي ٿو جڏهن ته ٻيا اسپتال غريبن جي لاءِ آهن جتان جي حالت انتهائي خراب آهي. انهن فرمايو ته اسان ملڪ کان ان ٻٺي نظام جو خاتمو چاهيون ٿا ۽ اهڙو نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، جتي امير غريب سڀني کي تعليم، صحت ۽ زندگي جون سڀ سهولتون برابر ميسر اچن ۽ ملڪ جي تمام شهرين کي رنگ و نسل، زبان، قوميت، جنس ، فقه، مسلڪ ۽ مذهب جي امتياز کان سواءِ برابر جا حق حاصل ٿين. ملڪ جا اهي غريب عوام جن سان ٻئي ۽ ٽئين درجي جي شهرين جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو اسان انهن کي معاشري ۾ انهن جو جائز مقام ڏيارڻ چاهيون ٿا. انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تعليم جي حصول سان گڏو گڏ پاڪستان ۾ هڪ منصفانه نظام جي قيام ۽ پاڪستان کي هڪ مظبوط، روشن خيال ۽ ترقي پسند ملڪ بڻائڻ جي لاءِ به پنهنجين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻين. انهن فرمايو ته نوجوان ئي ملڪ جو مستقبل آهن ۽ انهن سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جون اميدون وابسته آهن.

7/17/2024 2:31:38 PM