Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم صولت مرزٰي جي وڊيو بيان ۾ لڳايل الزامن کي بلڪل رڌ ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم صولت مرزٰي جي وڊيو بيان ۾ لڳايل الزامن کي بلڪل رڌ ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 3/19/2015
ايم ڪيو ايم صولت مرزٰي جي وڊيو بيان ۾ لڳايل الزامن کي بلڪل رڌ ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڊيٿ سيل کان ريڪارڊ ڪيو ويو صولت مرزٰي جو وڊيو بيان ايم ڪيو ايم جي خلاف مڪروھ ميڊيا ٽرائل جو حصو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي ؛ 19 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته صولت مرزٰي کان ڊيٿ سيل کان جيڪو وڊيو بيان ريڪارڊ ڪرايو ويو آهي، ايم ڪيو ايم ان ۾ لڳايل سمورن الزامن کي بلڪل رڌ ڪري ٿي ۽ ان کي ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري مڪروھ ميڊيا ٽرائل جو حصو قرار ڏيئي ٿي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته صولت مرزٰي گذريل 17 سالن کان  جيل ۾ قيد آهن، انهن جي وڊيو بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انهن کي سزا ۾ معافي يا سزا کي موخر ڪرڻ جي لالچ ڏيئي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف طئي شده بيان پڙهڻ تي مجبور ڪيو ويو ته جيئن ايم ڪيو ايم کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪيو وڃي ۽ ان جي خلاف مذموم مقصد حاصل ڪري سگهجن. رابطا ڪميٽي چيو ته ڊيٿ سيل کان صولت مرزٰي جو وڊيو بيان نه صرف پاڪستان بلڪه دنيا جي تاريخ ۾ انوکي مثال آهي ۽ ان کي آئيني ۽ قانوني ماهر چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته ڪنهن قيدي جا ڊيٿ وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ صرف ان جي گهر وارن سان ان جي آخري  ملاقات ڪرائي وڃي ٿي ۽ ان کان پوءِ انهن کي ڪنهن سان به ملڻ نه ڏنو ويندو آهي ۽ ميڊيا ۾ اهي خبرون به اچي چڪيون آهن ته صولت مرزٰي جي ڊيٿ سيل کي مڪمل طور تي سِيل ڪيو ويو آهي ته پوءِ صولت مرزٰي جو بيان ڪهڙي طرح ريڪارڊ ڪيو ويو ، عوام ان جي پويان مقصدن کي چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته ان جو مقصد ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن اهو عمل قانون جي مطابق درست ۽ جائز آهي ۽ اهڙو ڪرڻ واقعي قوم جي مفاد ۾ آهي ته اسان جو سوال اهو آهي ته جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪندڙ ۽ سابق صدر پرويز مشرف تي قاتلاڻي حملي جي سازش ۾ سزائي موت پائيندڙ ڊاڪٽر عثمان ۽ سزائي موت پائيندڙ درجنين قيدين جا اهڙي طرح جا ويڊيو بيان ڇو نشر نه ڪيا ويا؟ رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته صولت مرزٰي جو وڊيو بيان درست ۽ حقيقت هجي ها ته ڪيس جي تفتيش ۽ هيٺين عدالت ، هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ عدالتي ڪاروائي ۾ اهي ڳالهيون ضرور بيان ڪيون وڃن ها.رابطا ڪميٽي چيو ته  اسان کي الله سائين جي ذات مبارڪ تي مڪمل يقين آهي ته سازشي عناصر ان وڊيو بيان جي ذريعي جيڪي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي ايم ڪيو ايم جي خلاف ورغلائڻ جي مڪروھ سازش آهي اها ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي ۽ سازشون ڪرڻ وارا ماضي وانگر ناڪام ٿيندا.

7/17/2024 2:27:14 PM