برطانيه ۾ ايم ڪيو ايم جو وٿ ونگ قائم ڪيو ويو آهي.
برطانيه جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين تي مشتمل 8 رڪني سينٽرل آرگنائزنگ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي، حبا دانش يوٿ ونگ جي آرگنائيزر ۽ شمائن صديقي جوائنٽ آرگنائيزر هونديون.
لنڊن؛ 23 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي تحت برطانيه ۾ ايم ڪيو ايم جو يوٿ ونگ قائم ڪيو ويو آهي. يوٿ ونگ جو قيام ايم ڪيو ايم برطانيه جي مرڪزي آفيس ۾ ٿيندڙ هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ برطانيه جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. تفصيلات جي مطابق برطانيه جي مختلف تعليمي ادارن ۾ زير تعليم پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايم ڪيو ايم جو فڪر و فلسفو ۽ حق پرستانه پيغام جي فروغ، پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جي خاتمي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم وٿ ونگ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ 8 رڪني سينٽرل آرگنائزنگ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي. حبا دانش ايم ڪيو ايم وٿ ونگ جي آرگنائيزر ۽ شمائن صديقي جوائنٽ آرگنائزر هونديون. جڏهن ته ميمبرن ۾ مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا شاگرد شامل هوندا.ان کان علاوه يوٿ ونگ جي مرڪزي ذميوارن ۽ شاگردن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ به ڪئي.جنهن جي دوران جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي فڪر و فلسفي ۽ موجوده حالتن تي تفصيلي روشني وڌي.