ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي والد فاروق احمد جي علالت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
لنڊن؛ 30 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر ڊاڪٽر عمران فاروق جي والد محمد فاروق احمد جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حق پرست عوام ، امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي فاروق احمد جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن.