Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گرفتار ٿيل جيڪڏهن بي گناھ آهن ۽ انهن جي خلاف ڪوئي مقدمو درج نه آهي ته انهن کي فوري طور تي رها ڪيو


گرفتار ٿيل جيڪڏهن بي گناھ آهن  ۽ انهن جي خلاف ڪوئي مقدمو درج نه آهي ته انهن کي فوري طور تي رها ڪيو
 Posted on: 3/31/2015
گرفتار ٿيل جيڪڏهن بي گناھ آهن  ۽ انهن جي خلاف ڪوئي مقدمو درج نه آهي ته انهن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن انهن ڪوئي ڏوھ ڪيو آهي ته انهن کي قانون جي مطابق 24 ڪلاڪن جي اندر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سلمان مجاهد بلوچ.
ڪراچي؛ 31 مارچ 2015 
          30 مارچ 2015 تي مشرف ڪالوني ۽ بلديه ٽائون کان حراست ۾ ورتل ماڻهن جي گهر وارن ۽ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سلمان مجاهد بلوچ چيو آهي ته اسان الله سائين کان پنهنجي رت جي ڳوڙهن کي پيئندي دل سان دعا ڪري رهيا آهيون ته اي الله سائين اسان جي قوم کي قوم عاد ۾ شمار نه ڪجانءِ. انهن چيو ته اسان قرآن پاڪ جا اهي لفظ اڄ حڪمرانن جي سامهون يادگيرو ڏيارڻ جي لاءِ ورجائي رهيا آهيون ته قوم عاد جيڪا غريبن کي ته سزا ڏيندي هئي پر اميرن کي ڇڏي ڏيندي هئي ان جي ڪري الله سائين ان قوم کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته اسان حڪمرانن کي درخواست ڪريون ٿا ته خدا جي واسطي انهن غير قانوني ڇاپن ۽  گرفتارين جي عمل کي نه صرف جلد ئي  بند ڪيو وڃي پر سڀني بي گناھ ماڻهن کي رها به ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. انهن چيو ته 30 مارچ تي مشرف ڪالوني ۽ بلديه ٽائون ۾ هڪ سرچ آپريشن جي دوران اسان جي پيارن کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان پوءِ اسان انهن جي لاءِ ٿاٻا کائيندا پيا وتون پر انهن جو ڪوئي به پتو نه آهي ته اهي ڪٿي آهن ۽ ڪنهن جي تحويل ۾ آهن. انهن حڪومت ۽ عدالت کان مطالبو ڪيو ته اهي اسان جي پيارن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين ۽ جيڪڏهن اهي ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آهن ته انهن کي قانون جي مطابق 24 ڪلاڪن جي اندر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. انهن آخر ۾ تمام صحافين ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو شڪريو به ادا ڪيو ته اهي ان ڏکئي وقت ۾ اسان سان گڏ آهن.

7/17/2024 1:37:42 PM