Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ و قوم جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي سٺن ڪمن کي قدر جي نگاھ سان نه پيو ڏٺو وڃي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ملڪ و قوم جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي سٺن ڪمن کي قدر جي نگاھ سان نه پيو ڏٺو وڃي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/30/2015
ملڪ و قوم جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي سٺن ڪمن کي قدر جي نگاھ سان نه پيو ڏٺو وڃي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ امن جي خاطر آپريشن جي حمايت ڪئي هئي پر ان آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي.
اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھ ماڻهو ايم ڪيو ايم سان ذاتي رنجش رکن ٿا ۽ ايم ڪيو ايم کي طاقت سان ڪڇلڻ چاهين ٿا.
جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر 246 جي ننڍي چونڊ جا نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ننڍي چونڊ جو نتيجو عوام جي فيصلي جي خلاف آيو ته ملڪ مان جمهوريت جي خاتمي جو آغاز ٿي ويندو.
لاس اينجلس جي عدالت اهو فيصلو ڏيئي چڪي آهي ته عمران خان سيتاوائيٽ جي نياڻي جا والد آهن.
سومر ۽ اڱاري جي رات ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ذميوارن جي هنگامي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب.
ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي پرزور اصرار تي جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي قيادت کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
لنڊن؛ 30 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي جا عوام اڄ به ايم ڪيو ايم سان گڏ آهن ۽ تمام تر سازشي هٿڪنڊن ۽ ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم کي پنهنجو مينڊيٽ ڏيندا پيا اچن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 250 وانگر اين اي 246 جي ننڍي چونڊ جو نتيجو به مٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ننڍي چونڊ جو نتيجو عوام جي فيصلي جي خلاف آيو ته ملڪ کان جمهوريت جي خاتمي جو آغاز ٿي ويندو.اها ڳالھ انهن سومر ۽ اڱاري جي درمياني رات ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ذميوارن جي هنگامي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين تاريخ جا حوالي ڏيئي ڪري مهاجرن جي سياسي، معاشي، تعليمي ۽ جسماني قتل عام، اي پي ايم ايس او جي قيام جا سبب، ايم ڪيو ايم سان اسٽيبلشمينٽ جي تعصب واري رويي ۽ ايم ڪيو ايم جي 40 ساله حق پرستانه جدوجهد جون تفصيلات بيان ڪيون. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته بانيان پاڪستان جي اولادن سان غيرن جهڙي سلوڪ جي داستان تمام وڏي آهي، قائد اعظم محمد علي جناح باني پاڪستان هئا، پر انهن کي به هڪ سازش جي تحت قتل ڪيو ويو، انهن جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح کي به قتل ڪيو ويو، خان لياقت علي خان کي به ڀريل جلسي ۾ گولي هڻي شهيد ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اردو ڳالهائڻ وارن کي هر دور ۾ تعصب ۽ عصبيت جو نشانو بڻايو ويو، جنرل ايوب خان جي دور ۾ 300 کان وڌيڪ مهاجر آفيسرن کي اعلٰي عهدن تان هٽايو ويو. جنرل يحيٰي خان جي دور ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مهاجر بيوروڪريٽس کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو ۽ باقي رهجي ويندڙ مهاجر بيوروڪريٽس کي ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ برطرف ڪيو ويو. انهن فرمايو ته ذوالفقار علي ڀٽي نيشلائزيشن جي پاليسي متعارف ڪرائي ۽ تمام پرائيويٽ بينڪَ، انڊسٽريون ۽ ٻيا ڪاروبار قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. جن ۾ 90 سيڪڙو اردو ڳالهائڻ وارن گجراتي ميمڻن، اسماعيلين ۽ انڊيا کان هجرت ڪري ايندڙن جون ملڪيتون هيون. جڏهن ته 90 جي ڏهاڪي ۾ نواز شريف جي دور ۾ نيشنلائزيشن جي پاليسي تي نظر ثاني ڪندي ڊي نيشنلائزيشن جي پاليسي جو آغاز ڪيو ويو ۽ قومي تحويل ۾ ورتل بينڪن ۽ ادارن کي واپس پرائيويٽ ۾ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته غير مهاجرن جا بينڪ ، انڊسٽريز ۽ ڪاروبار ته انهن جي حوالي ڪيا ويا پر اردو ڳالهائڻ وارن کي انهن جا بينڪ، انڊسٽريون ۽ ڪاروبار واپس نه ڪيا ويا. ذوالفقار علي ڀٽي 1973 ۾ سنڌ جي ٻهراڙي واري آبادي کي شهري آبادي جي برابر آڻڻ جي نالي تي سنڌ ۾ 10 سالن جي لاءِ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ، جنهن جي تحت ٻهراڙي سنڌ جي لاءِ نوڪرين ۽ داخلائن ۾  60 سيڪڙو ۽ شهري سنڌ جي لاءِ 40 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو ويو. ڀٽي کان پوءِ جنرل ضياء الحق ان غير منصفانه ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ ان جي مدي ۾ 20 سالن جو اضافو ڪيو. پٺتي پيل ٻهراڙي وارا علائقا صرف سنڌ ۾ نه هئا بلڪه پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ به هئا.پر اتي ڪوٽا سسٽم متعارف نه ڪرايو ويو بلڪه ڪوٽا سسٽم صرف سنڌ ۾ نافذ ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته بانيان پاڪستان جي اولادن تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ جاني و مالي قربانيون ڏنيون ۽ پاڪستان هجرت ڪئي پر انهن کي پاڪستاني تسليم ئي نه ڪيو ويو. سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين جي لاءِ ڏنل اشتهارن ۾ صاف لکيو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو نوڪرين جي درخواست ڏيڻ جي زحمت ئي نه ڪن، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ اردو اسپيڪنگ شاگردن جو داخلا وٺڻ ناممڪن بڻايو ويو. اهي جيڪڏهن اتي ويندا هئا ته انهن کي اگهاڙو ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو، اهو ئي طريقو ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ روا رکيو ويندو هو. اردو ڳالھائڻ وارن شاگردن سان ٿيندڙ تعصب واري سلوڪ ۽ ناانصافين جي لڳاتار عمل جي خلاف 11 جون 1978 تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن قائم ڪئي وئي. اي پي ايم ايس او جي قيام کان اڳ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پنجابي اسٽوڊنٽس ايسو ايشن، پختون اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ۽ هزاره گلگت بلتستاني ۽ ٻين قومن جون تنظيمون موجود هيون. جيڪي سالن کان اتي ڪم ڪري رهيون هيون ۽ انهن تنظيمن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هو پر جڏهن اسان مهاجرن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف اي پي ايم ايس او قائم ڪئي ته هڪ طوفان کڙو ڪيو ويو. ان جي خلاف اخبارن ۾ آرٽيڪل شايع ڪيا ويا. اي پي ايم ايس او تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا، 14 آگسٽ 1979 تي مان بنگله ديش ۾ محصور پاڪستانين جي واپسي جي لاءِ قائد اعظم جي مزار تي پرامن مظاهرو ڪيو ته مون کي ڪوڙي الزام ۾ گرفتار ڪري جنرل ضياء الحق جي سمري ملٽري ڪورٽ 9 مهينا قيد ۽ پنجن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي. مان ڪنهن کان به معافي نه گهري بلڪه پنهنجي پوري سزا ڪاٽي. ان کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو مون کي وڏا وڏا لالچ ڏيڻ لڳا ته فلاڻي نوڪري وٺو ۽ معافي گهري وٺو مان معافي نه گهري.مون کي اندازو هو ته اهي منهنجي والده محترمه وٽ وڃي ڪري انهن کي مجبور ڪري سگهن ٿا. ان جي ڪري مان پنهنجي والده کي جيل گهرائي ڪري انهن کي چيو ته اوهان وٽ يونيورسٽي جي ڪجھ پروفيسرن سان گڏجي فوج جا ماڻهو ايندا ۽ اوهان کي چوندا ته اوهان ٻن لائينن جو معافي نامو لکي ڏيو، جيڪڏهن اوهان هڪ لفظ به لکي ڏنو ته مان ته آزاد ٿي ويندس پر پوءِ سڄي زندگي مان گهر نه ايندس. اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو منهنجي گهر پهتا ۽ منهنجي والده کي چيو ته عيد ويجهو اچي رهي آهي سٺو ٿيندو ته اوهان جو پٽ عيد اوهان سان گڏ گذاري ان جي ڪري اوهان معافي نامو لکي ڏيو. جڏهن منهنجي والده معافي نامو لکڻ کان انڪار ڪيو ته انهن کي چيو ويو ته اوهان صرف ايترو لکي ڏيو ته منهنجو پٽ مظاهري ۾ شريڪ نه هو.جنهن تي منهنجي والده محترمه چيو ته مان اهو ڪيئن لکي ڏيان، مان ڪوڙ نه ٿي لکي سگهان ڇو ته منهنجو پٽ مظاهري ۾ شريڪ هو. منهنجي والده ڪجھ به لکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان جي ڪري اهي مايوس ٿي ڪري هليا ويا ۽ مان پنهنجي سزا پوري ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي خريد ڪرڻ جي لاءِ جنرل حميد گل بريگيڊيئر امتياز احمد جي هٿان نوٽن سان ڀريل بريف ڪيس مون وٽ موڪليو پر مان اهي پيسا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بريگيڊيئر امتياز احمد ٽي وي انٽرويو ۾ پوري دنيا جي سامهون ان ڳالھ جو اعتراف ڪري چڪا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف آپريشن جو جواز ڏنو ويو ته سپريم ڪورٽ جي مطابق تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن ۾ عسڪري ونگ آهن جن ۾ ايم ڪيو ايم ، پي پي ، سني تحريڪ، جماعت اسلامي، لشڪر جهنگوي، سپاھ صحابه، سپاھ محمد ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن. ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ امن جي خاطر 
ان آپريشن جي حمايت ڪئي پر ان آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو ويو، 11 مارچ تي منهنجي گهر نائن زيرو ۽ منهنجي وڏي ڀيڻ جي گهر ڇاپا هنيا ويا. نائن زيرو جي آس پاس رهندڙ ڏيڍھ سو کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو پر اڄ تائين ڪنهن ٻئي سياسي جماعت جي آفيس يا ڪنهن جماعت جي سربراھ جي گهر تي ڇاپو نه هنيو ويو. نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران ٻين ڪارڪنن سان گڏ رابطا ڪميٽي ميمبر عامر خان کي به گرفتار ڪيو ويو. انهن جي باري ۾ چيو ويو ته انهن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي اهي اسان جا مهمان آهن، پر ٻئي ئي ڏينهن عامر خان کي ٻين گرفتار ٿيلن سان گڏ ڏوهارين وانگر اکين تي پٽيون ٻڌي ڪري عدالت ۾ آندو ويو ۽ دنيا کي ٻڌايو ويو ته اسٽيبلشمينٽ مهمانن سان ڪهڙو سلوڪ ڪري ٿي. انهن فرمايو ته ائين ڪري اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھ ماڻهن واضع اشارو ڏيئي ڇڏيو ته اهي ايم ڪيو ايم سان ذاتي اڻبڻت رکن ٿا ۽ ايم ڪيو ايم کي طاقت سان ڪڇلڻ چاهين ٿا. اسٽيبلشمينٽ جي پي رول تي ڪم ڪندڙ ڪجھ اينڪر پرسن ۽ تجزيو ڪندڙ مسلسل ان ڳالھ کي کڻي ڪري رهيا آهن ته الطاف حسين کان سواءِ ايم ڪيو ايم تمام سٺي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اها کليل ناانصافي آهي ته تمام تر پابنديون صرف ايم ڪيو ايم جي لاءِ آهن. اسٽيبلشمينٽ کي پنجاب ۾ گلوبٽ جهڙا غنڊا نظر نه ٿا اچن، جماعت اسلامي جي رهنمائن جي گهرن کان القائده ۽ طالبان جا دهشت گرد گرفتار ڪيا ويا پر اڄ تائين جماعت اسلامي جي ڪنهن به رهنما جي گهر تي ڇاپو نه هنيو ويو.فرقي پرست تنظيمون مختلف مذهبن ۽ مڪاتب فڪر جي بي گناھ ماڻهن کي قتل ڪري رهيون آهن پر انهن جي آفيسن تي ڇاپا نه ٿا هنيا وڃن، اسلام آباد جي لال مسجد جون عورتون داعش جي شان ۾ قصيدا پڙهن ٿيون، داعش جي خليفي جي هٿ تي بيعت ڪري رهيون آهن ،لعل مسجد کان فوجي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وڃي ٿي، ڪمانڊوز کي شهيد ڪيو وڃي ٿو، پر اتي ڇاپو نه ٿو هنيو وڃي، لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي خلاف ٻه ايف آئي آر درج ٿي چڪيون آهن پر انهن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان واضع طور تي اعتراف ڪن ٿا ته اسان مولوي عبدالعزيز کي گرفتار نه ٿا ڪري سگهون. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل ۽ پاڪستان جي مظلوم ۽ محروم عوام جي زندگي سنوارڻ جي لاءِ 25 سالن کان جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهيان. ان تي به مون کي ڪجھ سياسي رهنمائن جي طرفان گار گند ۽ بهتان تراشي جو سامنو ڪرڻو پوي ٿو. لاس اينجلس جي عدالت اهو فيصلو ڏيئي چڪي آهي ته  عمران خان سيتا وائيٽ جي نياڻي جا والد آهن، پر بغير نڪاح جي هڪ نياڻي کي جنم ڏيڻ وارو ڏينهن رات مون تي ڪوڙا الزام عائد ڪندو رهي ٿو، ايم ڪيو ايم تي بهتان تراشي ڪري ٿو، سڄي ملڪ جا دانشور، ليکڪ ، اينڪر پرسن ۽ عوام ڄاڻين ٿا ته عمران خان پنهنجي ڌرڻي جي دوران پوليس وارن کي تشدد جو نشانو بڻايو. انهن جي حراست مان هٿيارن سان ليس غنڊن کي ڇڏرايو ۽ پنهنجي گهر بني گاله وٺي ويو پر نه ته ان دهشت گردي جي خلاف ڪوئي آواز اٿاري ٿو ۽ نه ئي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف عمران خان جي خلاف ڪائي قانوني ڪاروائي ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ماضي ۾ اسان روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ ۾ روس کي ڪافر قرار ڏنو هو ۽ آمريڪا کي اهل ڪتاب چئي ڪري ان جي حمايت ڪئي هئي ۽ افغانستان موڪلڻ جي لاءِ جهادي دستا بڻايا. اسان اڄ تائين ان غلط فيصلي جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. اڄ به ملڪ کان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ ضرب  عضب جاري آهي. سعودي عرب ۽ يمن جي جنگ جو تڪرار سامهون آهي. ان حوالي سان مختلف ماڻهن جي طرفان دليل ڏني پئي وڃي ته مڪو شريف ۽ مدينو شريف سعودي عرب ۾ آهن. ان جي ڪري اسان کي سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. انهن فرمايو ته مڪي شريف ۽ مديني شريف جي حفاظت جي لاءِ اسان سڀني جون جانيون حاضر آهن پر اهو معاملو ٻن اسلامي ملڪن جو آهي. انهن فرمايو ته 1948 کان وٺي ڪري اڄ تائين پاڪستان 5 جنگيون وڙهي چڪو آهي پر ڪنهن به جنگ ۾ او آئي سي جي ڪنهن به مسلمان ملڪ عملي طور تي پاڪستان جو ساٿ نه ڏنو ۽ ڪنهن مسلمان ملڪ پاڪستاني فوج جي مدد جي لاءِ پنهنجيون فوجون نه موڪليون اهڙي طرح چين، آمريڪا ۽ اولھ وارن ملڪن به نيٽو وانگر پنهنجيون فوجون پاڪستان جي مدد جي لاءِ نه موڪليون. ان جي ڪري اسان کي ماضي جي تلخ تجربن جي روشني ۾ اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته سعودي عرب ۽ يمن جي جنگ ۾ پاڪستان جو ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته تمام تر ناانصافين ۽ زيادتين جي باوجود ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي کي مقدم ڄاتو ۽ ان جي تناظر ۾ ئي مان جي يو آئي جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن، مولانا تنوير الح ٿانوي، پي پي جي آصف علي زرداري ۽ تمام تر نظرياتي اختلافن جي باوجود جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ڳالھ ڪئي. اي اين پي جي سربراھ اسفند يار ولي جي گهر فون ڪيو پر انهن سان ڳالھ ٻولھ نه ٿي سگهي. ان حوالي سان منهنجي جن جن سياسي ۽ مذهبي رهنمائن سان ڳالھ ٿي، اسان سڀني هڪ نقطي تي اتفاق ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتاسين ته ان مسئلي تي قومي اتفاق رائي جي لاءِ وزير اعظم ميان نواز شريف کي وقت  ضايع ڪرڻ کان سواءِ ئي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ گهرجي. انهن فرمايو ته ملڪ و قوم جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي سٺين ڪوششن کي به قدر جي نگاھ سان نه پيو ڏٺو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن مان ايم ڪيو ايم جي قيادت جاري رکان ٿو ته اهي اسان جي قوم تي وڌيڪ ظلم ڪندا ان جي ڪري بهتر آهي ته مان ايم ڪيو ايم جي قيادت کان الڳ ٿي وڃان ۽ قوم کي وڌيڪ ظلمن کان بچائي وٺان. اوهان منهنجي فڪر و فلسفي ۽ نظريي کي سامهون رکندي حق پرستي جي تحريڪ جاري رکو. جنهن تي ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن جناب الطاف حسين جي قيادت کان دستبرداري جي فيصلي کي رڌ ڪندي چيو ته هر ظلم جو سامنو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون پر اوهان جي قيادت کان عليحدگي اسان قبول نه ڪنداسين. ذميوارن ۽ ڪارڪنن جناب الطاف حسين جي حق ۾ وڏا نعرا به هنيا ۽ انهن سان پنهنجي بي پناھ محبت جو اظهار به ڪيو. ان موقعي تي گهڻائي ڪارڪن ۽ خصوصن عورتون پنهنجن جذبن تي قابو نه رکي سگهيون ۽ روئڻ لڳيون. انهن روئيندي جناب الطاف حسين کي بزرگ هستين جا واسطا ڏيندي درخواست ڪئي ته اهي پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪن. ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي بيحد اصرار تي جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي قيادت کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. انهن فرمايو ته تمام تر انصافين ۽ ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام جي حب الوطني هر قسم جي شڪ کان بالاتر آهي. اسان اڄ به پاڪستان جي سلامتي ، ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا ۽ سڄي ملڪ جي غريب ۽ مظلومن جي جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. پر اسان پڪو پھ ڪري ورتو آهي ته اسان ڪنهن به باطل قوت جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين ۽ ملڪ جي مظلوم عوام جي لاءِ پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکنداسين. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ، بلوچستان ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڦيلجي وڃن ۽ گهر گهر وڃي ڪري ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه پيغام کان عوام کي آگاھ ڪن. انشاء الله تعالٰي اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ملڪ کان ظلم ۽ ڏاڍ ۽ جاگيرداراڻه نظام هميشه هميشه جي لاءِ ختم ٿيندو ۽ ملڪ و قوم کي ڪجھ خاندانن تي مشتمل اقتدار مافيا کان نجات حاصل ٿيندي.

7/17/2024 1:36:44 PM