Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ نارٿ ڪراچي مان پوليس ۽ سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي پنجن کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.


ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ نارٿ ڪراچي مان پوليس ۽ سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي پنجن کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
 Posted on: 3/31/2015
ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ نارٿ ڪراچي مان پوليس ۽ سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي پنجن کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڪراچي؛ 31 مارچ 2015 
             ملير شاھ فيصل ڪالوني ۽ نارٿ ڪراچي مان پوليس ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي پنجن کان وڌيڪ بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شاھ فيصل ڪالوني سيڪٽر يونٽ 108 جي ڪارڪن شارق ڪمال ۽ همدرد صابر کي گرفتار ڪيو ويو، اهڙي طرح شاھ فيصل سيڪٽر جي ئي يونٽ 106 جي ڪارڪن عدنان کي به رات گرفتار ڪيو ويو آهي. ملير کان يونٽ 99 جي ڪارڪن محمد عمر رحماني ، نارٿ ڪراچي يونٽ 137 اي جي ڪارڪن خليق احمد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته طالبان ۽ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ابتڙ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري رهيا آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته آپريشن جي نالي تي صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي.رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کي به اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي بيگناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ آواز بلند ڪن.

7/17/2024 1:40:11 PM