Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناح گرائونڊ ۾ پي ٽي آئي جي غنڊه گردي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ اشتعال انگيزي کان پوءِ اين اي 246 ۾ هڪ ضابطه اخلاق لاڳو ڪيو وڃي. حيدر عباس رضوي.


جناح گرائونڊ ۾ پي ٽي آئي جي غنڊه گردي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ اشتعال انگيزي کان پوءِ اين اي 246 ۾ هڪ ضابطه اخلاق لاڳو ڪيو وڃي. حيدر عباس رضوي.
 Posted on: 3/31/2015
جناح گرائونڊ ۾ پي ٽي آئي جي غنڊه گردي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ اشتعال انگيزي کان پوءِ اين اي 246 ۾ هڪ ضابطه اخلاق لاڳو ڪيو وڃي. حيدر عباس رضوي.
حالتن کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آئي کي جناح گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ حيدر عباس رضوي جي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 31 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو آهي ته پي ٽي آئي جي اميدوار عمران اسماعيل ۽ انهن جي غنڊن  جناح گرائونڊ ۾ غنڊه گردي ڪئي، ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ۽ اشتعال انگيزي کان پوءِ ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته اين اي 246 جي حوالي سان هڪ ضابطه اخلاق لاڳو ڪيو وڃي. انهن چيو ته گذريل 30 سالن کان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لڳاتار کٽندي رهي آهي ۽ ڪراچي ۾ تمام سياسي جماعتن جون آفيسون آهن پر ڇا ايم ڪيو ايم ڪڏهن ڪنهن سياسي جماعت جي مرڪز جي ويجهو ڪوئي جلسو ڪيو آهي. اين اي 246 ۾ 20 گرائونڊ آهن پر پي ٽي آئي جناح گرائونڊ ۾ جلسي ڪرڻ جي ضد ڇو ڪري رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به انهن سان گڏ هئا ۽ عوام جي به وڏي تعداد موجود هئي.حيدر عباس رضوي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اين اي 246  گذريل 35 سالن کان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن ۽ پيار ڪرڻ وارن جو تڪ رهيو آهي. اهو ايم ڪيو ايم جو مظبوط ڳڙھ آهي ۽ 88 کان وٺي ڪري اڄ تائين هر اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ريڪارڊ ووٽ کڻي ڪري ڪامياب ٿي آهي ۽ اسان کي هتان ڪوئي به خطرو نه آهي. انشاء الله تعالٰي هن ڀيري به ايم ڪيو ايم جو اميدوار وڏي اڪثريت سان کٽندو. انهن چيو ته پوري ميڊيا ڏٺو ته اڄ عمران اسماعيل پنهنجن ڪارڪنن جي هڪ وڏي تعداد وٺي ڪري اچانڪ جناح گرائونڊ پهتا، انهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي روڪٿام نه ڪئي وئي ۽ نه ڪا مزاحمت ڪئي وئي اهي وڏي اطمينان سان جناح گرائونڊ ۾ داخل ٿيا. جتي ٻار ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا.اهي انهن ٻارن سان ڪرڪيٽ کيڏيا ته پويان انهن جي غنڊن جناح گرائونڊ جي چئني طرفن جناب الطاف حسين جون تصويرون ڦاڙيون ۽ يادگار شهداء تي بيهي ڪري انهن جي بي حرمتي ڪئي.جناب الطاف حسين کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ٽوڙ ڦوڙ به ڪئي.انهن چيو ته اڄ ڪالھ نائن زيرو تي ڪجھ ئي ڪارڪن موجود هوندا آهن،پر پاڙي وارن جڏهن ڏٺو ته عمران اسماعيل جا غنڊا اتي بدتميزي ۽ بي حرمتي  ڪري رهيا آهن ته اشتعال انگيزي پيدا ٿي ڇو ته پاڙي وارا جناب الطاف حسين سان بي پناھ محبت ڪن ٿا. جناح گرائونڊ کان نڪري عمران اسماعيل سڌا پريس ڪلب پهتا ۽ اتي انهن اڳ ۾ هڪ طئي ڪيل پريس ڪانفرنس جي جاءِ تي قبضو ڪري پاڻ پريس ڪانفرنس شروع ڪري ڏني، پر جڏهن انتظاميه ڏٺو ته اهي زبردستي پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن ته انتظاميه انهن کي روڪيو ۽ ڪيميرا بند ڪرائي ڇڏيا.انهن چيو ته اين اي 246 تي حصو وٺڻ تمام جماعتن جو حق آهي ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته هتي پرامن ماحول ۽ سياسي افهام و تفهيم سان بهتر ماحول ۾ اليڪشن ڪرايا وڃن، پوءِ ڀلي ڪير به کٽي. انهن چيو ته اڄ جي صورتحال مان پي ٽي آئي جو اهو مائنڊ سيٽ واضع ٿي ويو آهي ته اها هتي هڪ طاقت ۽ خوف جي ذريعي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿي. انهن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي تمام سياسي جماعتن جي اميدوارن کي گهرائي هڪ ضابطه اخلاق طئي ڪرڻ  گهرجي ته جيئن اهڙو ڪوئي به ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي سگهي، انهن چيو ته تحريڪ انصاف وارا ڪيترا ئي پيسي وارا ڇو نه هجن اهي ان ڳالھ تي طاقت نه ٿا رکن ته ڪنهن جو سج لاهين ۽ ڪنهن جو سج اڀاري سگهن. انهن چيو ته پي ٽي آئي جي غنڊا گردي جي ڪري جناح گرائونڊ ۾ ٻار زخمي ٿيا آهن. پي ٽي آئي جي ڪارڪنن انهن تي وڏو تشدد ڪيو آهي، اسان به پي ٽي آئي جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪنداسين. انهن چيو ته پي ٽي آئي جو مقصد ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي جلسو ڪري ايم ڪيو ايم کي هيٺ ڏيکارڻ آهي. پر ايم ڪيو ايم ڪڏهن به ڪنهن به سياسي جماعت جي مرڪزي آفيس جي ويجهو ڪوئي به جلسو نه ڪيو آهي ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آئي کي به جناح گرائونڊ ۾ جلسي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. 

7/17/2024 1:25:35 PM