Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمران خان سميت پي ٽي آئي جي رهنمائن ۾ ڪريڪٽر نالي جي ڪائي به شي نه آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.


عمران خان  سميت پي ٽي آئي جي رهنمائن ۾ ڪريڪٽر نالي جي ڪائي به شي نه آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 3/30/2015
عمران خان  سميت پي ٽي آئي جي رهنمائن ۾ ڪريڪٽر نالي جي ڪائي به شي نه آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.
هن ڀيري به اها ئي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اسٽيبلشمينٽ جي گهوڙين تي سوار ٿي ڪري ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي ڇنيو وڃي.
اڄ سڄي دنيا ۾ اهي سوالَ اٿي رهيا آهن ته عمران خان ته پنهنجي سڄي دولت شوڪت خانم کي اسپتال کي ڏيئي ڇڏي هئي ته اهي اربين روپيا ڪٿان آيا.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ ڪنور نويد جميل جي اسيمبلي ميمبرن سان گڏجي پرهجوم پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 30 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ نامزد حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل چيو آهي ته عمران خان سميت پي ٽي آئي جي رهنمائن ۾ ڪريڪٽر نالي جي ڪائي به شيءِ نه آهي، سياست ۾ تنقيد به ٿيندي آهي پر ان جا آداب هوندا آهن پر پي ٽي آئي ۽ عمران خان ۾ ڪوڙن وعدن ۽ خراب ڪردار کان سواءِ ڪا به شي نه آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پي ٽي آئي جي رهنمائن جي طرفان جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف الزام هڻڻ تي منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي انچارج وسيم اختر ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر به انهن سان گڏ هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته اليڪشن هڪ جمهوري عمل آهي، ايم ڪيو ايم ۽ ان جا قائد جناب الطاف حسين جمهوريت ۽ جمهوري اقدار تي يقين رکن ٿا اها ئي وجه آهي ته اين اي 246 جي جڏهن ننڍي چونڊ جو اليڪشن آيو ۽ پي ٽي آئي چيو ته اها هتان اليڪشن وڙهندي ته جناب الطاف حسين ان جو خير مقدم ڪيو، اهو نه پر جڏهن به عمران خان ڪراچي ۾ ڪوئي سياسي جلسو ڪيو ته جناب الطاف حسين نه صرف پي ٽي آئي ۽ عمران خان کي خوش آمديد چيو پر جلسي جي اختتام تي عمران خان کي مبارڪباد به پيش ڪئي. انهن چيو ته اها ڳالھ وڏي افسوسناڪ آهي ته جناب الطاف حسين جي ان فراخدلانه پيشڪش جي جواب ۾ عمران خان ڪالھ سماء ٽي وي جي پروگرام ۾ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي الزام هنيا اهي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن سياسي ليڊر کي زيب نه ٿا ڏين. انهن چيو ته عمران خان ۾ ڪريڪٽر نالي جي ڪائي به شي نه آهي. اها ئي وجه آهي ته انهن نه صرف آزاد ڪشمير جي جلسي ۾ ڪراچي جي ماڻهن کي زنده لاشون چيو ۽ جناب الطاف حسين جي لاءِ نازيبا لفظ استعمال ڪيا. انهن چيو ته عمران خان جا اهي لفظ ريڪارڊ تي موجود آهن ته جيڪڏهن پوليس وارن منهنجي ڪنهن ڪارڪن کي پڪڙيو ته مان پاڻ انهن کي ڦاهي تي چاڙهيندس. انهن چيو ته عارف علوي اسلام آباد ۾ پي ٽي وي تي حملي کان پوءِ عمران خان کي اطلاع ڏني ۽ عمران خان ان تي انهن کي شاباش ڏني ۽ چيو ته اهوئي دٻاءُ برقرار رکو ته نواز شريف اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏيندو، انهن چيو ته 2013 جو اهو ريڪارڊ آهي ته پوري اليڪشن مهم ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ڪوئي به جلسو نه ڪري سگهي، بس صرف  ننڍيون ميٽنگون ڪيون. انهن ۾ به نائن زيرو جي ڀرسان مور پارڪ تي بم ڌماڪو ڪيو ويو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جو هڪ ڪارڪن شهيد ٿيو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اهڙي طرح لنڍي ڪوتل ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس تي بم ڌماڪو ڪيو ويو.جنهن ۾ 11 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا پر ان وقت به عوام ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏنو ۽ ان کي پنهنجو مينڊيٽ ڏنو. اهڙي طرح هن وقت به جڏهن جو اين اي 246 جو اليڪشن ٿي رهيو آهي ۽ ڪراچي ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي جنهن ۾ اسان جا 600 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ هن ڀيري به اها ئي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اسٽيلبشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي ڪري  ايم ڪيو ايم کان مينڊيٽ ڇنيو وڃي. عمران خان ۽ تحريڪ انصاف طالبان جو پوليٽيڪل ونگ آهي، جيڪڏهن طالبان تي ڪوئي ڊرون حملو ٿئي ٿو ته سڀني کان پهرين عمران خان ان جي مذمت ڪن ٿا.عمران خان ئي طالبان جي حمايت ۾ دره خيبر تي افغانستان کان ايندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو هو ته جيئن طالبان کي رليف ڏنو وڃي بلڪه اهي هر موقعي تي طالبان جي آواز ۽ ترجمان بڻيا رهيا آهن. بلڪه حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ به طالبان انهن کي ئي نامزد ڪيو هو ۽ باقائده انهن طالبان جا آفيس به کولرايا. انهن چيو ته عمران خان اهي ئي آهن جيڪي پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٿيندڙ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارن جي پونئرن سان تعزيت ڪرڻ به نه ويا ۽ اهي اسلام آباد هني مون ملهائڻ هليا ويا. هني مون ملهائڻ کان پوءِ جڏهن اهي تعزيت جي لاءِ ويا ته ٻارن جي والدين جيڪو انهن سان ورتاءُ ڪيو اهو دنيا جي سامهون آهي. اهو عمران خان اهو ئي آهي جيڪو فيصل آباد ۾ جلسي ۾ ٿيندڙ ڀاڄ ۾ شهيد ٿيندڙن جي ميت ۾ شريڪ ٿيڻ به گوارا نه ڪيو.اهو عمران خان اهو ئي آهي جنهن نواز شريف جي دهشت گردي کان نڀرڻ جي لاءِ اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ انگلينڊ هليا ويا ۽ هڪ اهڙي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ عورتون اڌ اگهاڙيون ٿي ڪري شرڪت ڪنديون آهن ۽ اڄ به عمران خان جون تصويرون فارين جي اخبارن جي آفيشل ويب سائيٽ تي موجود آهن جنهن ۾ عمران خان کي شراب جو گلاس هٿن ۾ کنيل ڏيکاريو ويو آهي. ڪنور نويد جميل چيو ته اڄ صبح جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اين اي 246 جي اليڪشن ۾ فوج ، رينجر ۽ پوليس کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اليڪشن منصفانه ٿئي پر جيڪڏهن ڪراچي جا اليڪشن منصفانه نه ٿيا ته پاڪستان کان جمهوريت جو اختتام ٿي ويندو.پي ٽي آئي ماڻهن کي بي وقوف بڻائي رهي آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ اليڪشن ۾ فوج اچي وئي ته اسان کٽي وٺنداسين، پر جڏهن ته جناب الطاف حسين پاڻ فوج جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن اليڪشن منصفانه ٿين.انهن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ملاله جي ڪتاب کي شايع ڪرڻ نه ڏنو ويو ته مٿان طالبان ناراض ٿي وڃن، ان جي ڪري ڪراچي جا ماڻهو چريا نه آهن جو اهي طالبان جي سياسي ونگ کي ڪراچي ۾ اچڻ ڏيندا.

7/17/2024 1:38:32 PM