Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم امن پسند جماعت آهي جيڪا تشدد ۽ دهشت گردي تي يقين نه ٿي رکي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم امن پسند جماعت آهي جيڪا تشدد ۽ دهشت گردي تي يقين نه ٿي رکي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/29/2015
ايم ڪيو ايم امن پسند جماعت آهي جيڪا تشدد ۽ دهشت گردي تي يقين نه ٿي رکي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۾ زيروٽوليرنس آهي.
جيڪڏهن ڪوئي پنهنجين حرڪتن جي ڪري گرفتار ٿيو ته ايم ڪيو ايم عدالت ۾ ان جي پٽيشن به جمع نه ڪرائيندي.
عوام اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي نه بلڪه پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين کي ووٽ ڏين.
لعل قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي سيڪٽرن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛ 29 مارچ 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر واضع لفظن ۾ چيو آهي ته ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۾ زيروٽوليرنس آهي، ايم ڪيو ايم امن پسند جماعت آهي جيڪا تشدد ۽ دهشت گردي تي يقين نه ٿي رکي، ان جي ڪري سماج دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهو يا ته سماج دشمن حرڪتون ڇڏي ڏين يا پوءِ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڏين. انهن خيالن جو اظهار انهن لعل قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر اين اي 246 جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي سيڪٽرن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر، حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ مختلف شعبن جا ميمبر به موجود هئا.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ٻن سالن جي دوران ايم ڪيو ايم جي 200 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ 36 ڪارڪنن کي انهن جي گهرن وارن جي سامهون گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته ان دوران 20 ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ لاپتا به ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين قرآن پاڪ ۽ سنت پاڪ جي روشني ۾ قصاص ۽ ديت جو حوالو ڏيندي فرمايو ته منهنجي 66 سالن جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي جي ڪواليفائيڊ انجنيئر 28 سالن جي منهنجي ڀائيٽي عارف حسين جن جو ايم ڪيو ايم يا ٻئي ڪنهن به سياسي يا مذهبي جماعت سان ڪوئي به تعلق نه هو، 5 ڊسمبر 1995 تي انهن کي گرفتار ڪري ٽن ڏينهن تائين انهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو پوءِ انهن کي گڊ اپ جي علائقي ۾ وٺي وڃي ڪري قتل ڪيو ويو، مون کي خبر نه آهي ته سرڪاري اهلڪارن انهن سان آخري وقت ۾ ڪهڙي ڳالھ ڪئي هئي. هڪ ٻئي سان آخري ڀيرو ڳالھ ڪرڻ يا ڪلمو پڙهڻ جي مهلت به ڏني هئي يا نه ڏني هئي ۽ مون کي اها به خبر نه آهي ته پهرين پيءُ کي گولي هنئي وئي يا پيءُ جي سامهون پٽ کي گولي هنئي وئي. انهن فرمايو ته جن ماڻهن منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي بغير ڪنهن جواز جي قتل ڪيو انهن جو قصاص وٺڻ منهنجو شرعي حق آهي. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي نوجوان ڪارڪن سيد وقاص علي شاھ شهيد وانگر منهنجي هزارين ساٿين کي به ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي، انهن جا مٽ مائٽ به قصاص جو شرعي حق رکن ٿا. انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪوئي ڪنهن کي بغير جواز جي قتل ڪري ڇڏي ته مقتول جي گهر وارن کي شرعي طور تي ان ڳالھ جي اجازت آهي ته اهي اک جي بدلي اک، ڪن جي بدلي ڪن، نڪ جي بدلي نڪ ۽ جان جي بدلي جان جي اسلامي اصولن جي تحت پنهنجي بدلي وٺڻ جو دعوٰي ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن قصاص وٺڻ نه چاهي ته ديت وٺي ڪري معاف ڪري سگهي ٿو يا پوءِ قصاص ۽ ديت کان سواءِ ئي قاتل کي معاف ڪري سگهي ٿو، قصاص ۽ ديت جي شرعي حق جي باوجود دين اسلام ۾ معاف ڪرڻ جي عمل کي اوليت ۽ فوقيت ڏني وئي آهي ۽ الله تعالٰي معاف ڪرڻ وارن کي پسند فرمائي ٿو. جناب الطاف حسين ڪجھ تجزيي ڪندڙن ، ليکڪن، اينڪرن ۽ ميڊيا هائوس جي مالڪن جي طرفان ايم ڪيو ايم سان روا رکيل متعصبانه رويي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته هڪ سياسي رهنما ڪنٽينر تي بيهي ڪري بجلي جا بل ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان ڪيو هو، ٽي وي چينلن تي ان رهنما جي ڌرڻڻ جي مهينن تائين ڪوريج هلندي رهي جڏهن ته ان ۾ عوام به شريڪ نه هئا. اهڙي طرح اهي ٽي وي چينل وڪيلن جي ڪوريج به ڪيترن ئي ڏينهن تائين نشر ڪندا رهيا، پر الطاف حسين جي هڪ ڪلاڪ جي تقرير به انهن کي بري لڳي ٿي ، جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالھ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد لبرل ، ترقي پسند ۽ جمهوري جماعت آهي، جيڪا غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکي ٿي ۽ ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪري پاڪستان ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم عوام جي سچي همدرد جماعت آهي، عوام کي پيش ايندڙ بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ملڪ ۾ اهڙي معاشري جو قيام چاهي ٿي  جتي سڀ امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري سگهن. سڀني کي زندگي جي هر شعبي ۾ بغير ڪنهن فرق جي حق حاصل هجن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم امن پسند جماعت آهي جيڪا تشدد ۽ دهشت گردي تي يقين نه ٿي رکي، ايم ڪيو ايم ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اهڙن ماڻهن جي لاءِ زيروٽوليرنس آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم جو نالو استعمال ڪري ڏوهاري سرگرميون ڪن ٿا اهي ايم ڪيو ايم جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجن ٿا. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ ڪوئي سماج دشمن آهي ته مان انهن کي الله سائين ۽ ان جي رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جو واسطو ڏيئي ڪري چوان ٿو ته اهي ڏوهاري ۽ سماج دشمن سرگرميون ڇڏي ڏين يا پوءِ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڪري هليا وڃن. جيڪڏهن ڪوئي پنهنجي حرڪتن جي ڪري گرفتار ٿيو ته ايم ڪيو ايم عدالت ۾ ان جي پٽيشن به جمع نه ڪرائيندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪي ٽي سي ۽ ٻه ڀيرا رابطا ڪميٽي کي معطل ڪيو آهي ۽ مان عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته هاڻي جيڪڏهن ڪوئي ڪنهن غير اخلاقي ۽ غير قانوني سرگرمي ۾ سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت ملوث پاتو  ويو ته ڀلي اهو ڪيترو ئي سينيئر ڪارڪن يا ذميوار ڇو نه هجي ان کي تحريڪ جي ويجهو به ڀٽڪڻ نه ڏنو ويندو. مان پنهنجي ننڊ، آرام ۽ کاڌي پيتي جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ ڏينهن رات ان ڪوشش ۾ لڳل آهيان ته ايم ڪيو ايم پنهنجي منزل ۽ مقصد کان نه ڀٽڪي. انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪڏهن لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن سان ڪنهن ڪارڪن بدتميزي ڪئي يا انهن جي دل آزاري ڪئي آهي ته مان انهن کان معافي گهران ٿو. جناب الطاف حسين قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر اين اي 246 جي عوام کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي نه بلڪه پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين کي ووٽ ڏين. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي سختي سان هدايت ڪئي ته اهي گهر گهر وڃي ڪري عوام سان رابطو ڪن، جيڪڏهن انهن کان ڪي غلطيون يا ڪوتاهيون ٿيون آهن ته اهي عوام کان معافي وٺن ۽ عوام جي مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

7/17/2024 1:28:04 PM