ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ميمبر محمد انور لنڊن ۾ گرفتار. ترجمان ايم ڪيو ايم.
محمد انور جي گرفتاري مني لارڊنگ جي الزامن ۾ ميٽروپوليٽن پوليس جي جاري تفتيش جو حصو آهي. ترجمان.
لنڊن؛ پهرين اپريل 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد انور کي انهن جي لنڊن واري گهر کان اڄ صبح گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن جو هن وقت لنڊن جي هڪ مرڪزي پوليس اسٽيشن ۾ انٽرويو ڪيو پيو وڃي. اسان جي اطلاعن جي مطابق اهو مني لارڊنگ جي الزامن ۾ ميٽرو پوليٽن پوليس جي جاري تفتيش جو حصو آهي. ايم ڪيو ايم سختي سان مني لارڊنگ ۾ ملوث هجڻ جي امڪان جي ترديد ڪري ٿي. اسان پوليس سان تعاون ڪندا رهنداسين ۽ ان معاملي کي وقت تي ختم ٿيڻ جي اميد به رکون ٿا.