Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي تحريڪ انصاف کي پيشڪش.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي تحريڪ انصاف کي پيشڪش.
 Posted on: 4/1/2015 1
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي تحريڪ انصاف کي پيشڪش.
تحريڪ انصاف کي گذارش ڪنداسين ته اهي يادگار شهداء جي تقدس جو خيال رکن ۽ پوءِ ڀلي اهي شوق سان جناح گرائونڊ ۾ جلسو ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن پي ٽي آئي جا ماڻهو جناح گرائونڊ کان علاوه ڪنهن  ٻئي هنڌ جلسو ڪن ته جيڪو تعاون ايم ڪيو ايم کان پڄندو اهو ايم ڪيو ايم ڪندي.
پر جيڪڏهن ان جي باوجود به اهي جناح گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ جي لاءِ ضد ڪري رهيا آهن ته پوءِ اسان کي وقت ڏنو وڃي ته اسان يادگار شهداء جي حفاظت جي لاءِ پائيدار انتظام ڪري سگهون.
ٻنهي جماعتن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي هڪ سلجهيل قوم وانگر پرامن طريقي سان اليڪشن ۾ حصو وٺن ۽ هر قسم جي ڇڪٿاڻ ۽ اشتعال انگيزي کان پاسو ڪن.قائد تحري جناب الطاف حسين.
لنڊن پهرين اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي رهنمائن، ڪارڪنن ۽ اين اي 246 جي رهائشين جي وچ ۾ جيڪو افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي ان سان مون کي دلي صدمو پهتو آهي. مان ان واقعي جو الزام ڪنهن تي به هڻڻ نه ٿو چاهيان ڇو ته منهنجي نيت صاف آهي ۽ مان پرامن ۽ منصفانه طريقي سان اليڪشن جو انعقاد چاهيان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جي ٻن قومي جماعتن ۾ ۽ جمهوريت ۾ زباني تڪرار، تنقيد ۽ حمايت جو سلسلو جاري رهي ٿو. پر ٻنهي جماعتن کي پنهنجن اختلافن کي دشمني ڏانهن نه موڙڻ گهرجي ۽ اهڙو ماحول پيدا نه ٿيڻ ڏنو وڃي جو ٻئي مخالف قوتون پاڻ ۾ وڙهن ۽ هڪ ٻئي جي ڳڇين ۾ هٿ وجهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڇا تحريڪ انصاف ۽ پوري پاڪستان کي خبر نه آهي ته جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي 20 هزار شهيدن جي عظيم تاريخي يادگار بڻيل آهي ۽ هزارين ماڻهو اتي يادگار جي زيارت ڪن ٿا ۽ شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ڪن ٿا. جيڪڏهن تحريڪ انصاف جاماڻهو جناح گرائونڊ کان علاوه ڪنهن ٻئي هنڌ جلسو ڪن ته ان سلسلي ۾ جيڪو تعاون ايم ڪيو ايم کان پڄندو اهو ايم ڪيو ايم ڪندي. پر جيڪڏهن اهي ضد تي ڄميل رهيا ته اهي جناح گرائونڊ ۾ ئي جلسو ڪندا ته پوءِ اسان کي وقت ڏنو وڃي ته اسان يادگار شهداء جي حفاظت جي لاءِ پائيدار انتظام ڪري سگهون ، انهن فرمايو ته تحريڪ انصاف کي اسان اها به گذارش ڪنداسين ته اهي يادگار شهداء جي تقدس جو خيال رکن ۽ پوءِ ڀلي شوق سان  جناح گرائونڊ ۾ جلسو ڪن. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي سختي سان هدايت ڪئي ته جهڙي طرح انهن ڪالھ صبر ڪيو اهڙي طرح ئي اهي صبر ڪن ۽ جهيڙي کان هر صورت پاسو ڪن. ايم ڪيو ايم وارا ان ڳالھ جو خاص خيال رکن ته اوهان ميزبان آهيو ۽ تحريڪ انصاف وارا اوهان جي قديمي تڪ ۾ اوهان جي مهمان جي حيثيت سان اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ اچي رهيا آهن. ان جي ڪري اوهان پنهنجي پاڻ تي  ڪنٽرول رکي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪريو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي جلد ئي ٻنهي پارٽين جي ذميوارن جو هنگامي اجلاس گهرائين ۽ ننڍي چونڊ جي لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ بڻائين ۽ ان جي نگراني جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ٽن حاضر سروس ۽ بااختيار آفيسرن تي ٻڌل هڪ ڪميشن بڻائين ته جيئن اهي ڪنهن به طرفان ڪئي ويندڙ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي تي پنهنجي رپورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڏيئي سگهن. جنهن جي هڪ ڪاپي اهي گورنر سنڌ ۽ وزير اعلٰي سنڌ کي به ڏين.جناب الطاف حسين ٻنهي جماعتن کي اپيل ڪئي ته اهي هڪ سلجهيل قوم وانگر پرامن طريقي سان اليڪشن ۾ حصو وٺن ۽ هر قسم جي ڇڪٿاڻ ۽ اشتعال انگيزي کان پاسو ڪن.

7/17/2024 1:36:44 PM