Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان محمد نواز شريف يمن ۽ سعودي عرب جي معاملي ۾ فوري طور تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وزير اعظم ميان محمد نواز شريف يمن ۽ سعودي عرب جي معاملي ۾ فوري طور تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/29/2015
وزير اعظم ميان محمد نواز شريف يمن ۽ سعودي عرب جي معاملي ۾ فوري طور تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
موجوده نازڪ ۽ خراب حالتون دنيا کي ٽئين جنگ عظيم ڏانهن به ڌڪي سگهن ٿيون.
افسوس جي ڳالھ اها آهي ته پنهنجي پاڻ کي انتهائي ترقي پسند ۽ لبرل چوڻ واريون ڪجھ قومي جماعتون اڄ اصولن کان هٽي ڪري سعودي عرب جي حمايت ڪرڻ جو درس ڏيئي رهيون آهن. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 29 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي سينيئر ۽ تجربي ڪار ليڊرن کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته ڇا اسان ماضي جي تلخ تجربن مان ڪجھ حاصل ڪنداسين يا نه ڪنداسين؟ اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ جي دوران اسان جي ڪجھ وڏن عالمن سڳورن ۽ چوٽي جي ڪجھ سياسي رهنمائن عوام کي اسٽيبلشمينٽ جي طئي ڪيل منصوبي جي تحت ڇا اهو نه ٻڌايو هو ته روس لادين ملڪ آهي ۽ آمريڪا اهل ڪتاب آهي. ان جي ڪري اسان کي لادين ملڪ جي مقابلي ۾ بحيثيت مسلمان آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ان فيصلي جا جيڪي نتيجا اسان جي سامهون آيا ان جو خراج  اڄ اسان ضرب عضب جي شڪل ۾ ادا ڪري رهيا آهيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته هاڻي معاملو سعودي عرب ۽  يمن جو آهي. ٻئي مسلمان ملڪ آهن، افسوس جي ڳالھ اها آهي پنهنجي پاڻ کي انتهائي ترقي پسند ۽ لبرل چوڻ واريون ڪجھ قومي جماعتون اڄ اصولن کان هٽي ڪري سعودي عرب جي حمايت ڪرڻ جو درس ڏيئي رهيون آهن ۽ ان جي لاءِ اهو جواز پيش ڪري رهيون آهن ته اتي مڪو شريف ۽ مدينو شريف آهي، ان جي ڪري اسان کي سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. انهن فرمايو ته شايد اهي جماعتون پاڪستان جي موجوده نازڪ ترين صورتحال بلڪه سائوٿ ايشيا ريجن ۽ بين الاقوامي سطح تي جاري سرد ۽ گرم جنگن کان آگاھ نه آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته موجوده نازڪ ۽ خراب حالتون دنيا کي ٽئين عالمي جنگ ڏانهن به ڌڪي سگهن ٿيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جو سچو جذبو رکڻ وارين تمام سياسي و مذهبي جماعتن ، انهن جي رهنمائن ۽ عوام کي ان يقين سان گڏ ته اوهان سڀني کي پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا عزيز آهي ته اها دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي پنهنجن پنهنجن وقتي مفادن جي خاطر ڪوئي به فيصلو ڪرڻ ۽ ڪنهن به ملڪ جي حمايت ڪرڻ کان پهرين اسان کي 1948 کان وٺي ڪري اڄ تائين ٿيندڙ پنجن جنگين جا نتيجا سامهون رکڻ گهرجن ۽ ڪوئي به فيصلو ڪرڻ کان پهرين ان ڳالھ جو جائزو ضرور وٺڻ گهرجي ته ٻاهرين قوتن جي مفادن جي لاءِ ڪنهن به معاملي ۾ هٿ وجهڻ سان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيو ۽ ڪهڙو نقصان ٿيو. جناب الطاف حسين آخر ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف کي چيو ته اهي ان معاملي ۾ ڪو به وقت ضائع ڪرڻ کان سواءِ فوري طور تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائين ۽ اتي هر جماعت کي پنهنجو موقف واضع طور تي بيان ڪرڻ جو موقعو ڏين ۽ ان جي روشني ۾ حڪومت فيصلو ڪري ته موجوده نازڪ صورتحال ۾ پاڪستان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

7/17/2024 1:43:56 PM