وفاقي حڪومت جي طرفان پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ پهرين اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت جي طرفان پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو فوري طور تي واپس ورتو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سڄي ملڪ ۾ عوام پهرين ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي بار هيٺان پوريل آهن ۽ عوام جي زندگي پاڻي، بجلي ۽ گيس جي قلت جي ڪري عذاب بڻجي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت جي طرفان پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هجڻ ته اهو گهرجي ها ته حڪومت پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ها پر ابتڙ قيمتون وڌائي ڪري عوام جي تڪليف ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت جي طرفان پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.