Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان آغا خاني ڪميونٽي جي بس تي فائرنگ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان آغا خاني ڪميونٽي جي بس تي فائرنگ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
 Posted on: 5/13/2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان آغا خاني ڪميونٽي جي بس تي فائرنگ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
لنڊن؛ 13 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين صفورا چورنگي جي ويجهو هٿياربند دهشت گردن جي طرفان آغاخاني ڪميونٽي جي بس تي ڇتي فائرنگ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي جي نتيجي ۾ 45 هن کان وڌيڪ ماڻهن جي شهيد ٿيڻ ۽ ٻين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو واقعو بدترين دهشت گردي آهي ۽ ان ۾ ملوث دهشت گرد انسانيت کان خارج آهن.انهن فرمايو ته شهر ۾ وحشي دهشت گرد ڊاڪٽرن، پروفيسرن، انجنيئرن، عالمن سڳورن، واپارين ۽ عام شهرين کي روز دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ اڄ صفورا ڳوٺ تي اهو دردناڪ واقعو ٿيو آهي ان مان ثابت آهي ته سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا شهر ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. انهن دهشت گردن کي پڪڙڻ جي بجاءِ هڪ پرامن سياسي جماعت ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي پنهنجو حدف بڻائي رهيا آهن ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪيو پيو وڃي ۽ پوءِ ميڊيا ٽرائل جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن شهر ۾ اصل ڏوهارين ۽ دهشت گردن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو دهشت گرد روز پنهنجي دهشت گردي ڪري رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي رينڪ جا ٻه آفيسر به شهيد ٿي چڪا آهن. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ان واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪن ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن جي سمت جو درست تعين ڪري وحشي دهشت گردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي. انهن شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن ۽  آغا خاني ڪميونٽي جي رهنمائن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد ٿيندڙ ماڻهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 

7/17/2024 11:13:22 AM