Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي تحت سانحه 12 مئي جي شهيدن جي اٺين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.


ايم ڪيو ايم جي تحت سانحه 12 مئي جي شهيدن جي اٺين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
 Posted on: 5/12/2015
ايم ڪيو ايم جي تحت سانحه 12 مئي جي شهيدن جي اٺين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
لعل قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ 12 مئي جي شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ۽ قرآن خواني ڪئي وئي.
سانحه 12 مئي جو واقعو ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ سوچيل سمجهيل سازش هئي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ورسي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ .
ڪراچي؛ 12 مئي 2015 
           ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سانحه 12 مئي 2007 جي شهيدن جي اٺين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ لعل قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي انچارج ڪيف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، ڪنور نويد جميل، حيدرعباس رضوي، عارف خان ايڊووڪيٽ، اسيمبلين جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيدن جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ عبدالحسيب شهيدن جي بلند درجات، انهن جي مغفرت ، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازسن جي خاتمي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون ويون. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سانحه 12 مئي هڪ افسوسناڪ ۽ قومي سانحو آهي. جيڪو ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ وڏي سوچيل سمجهيل سازش هو. انهن چيو ته 12 مئي ۾ ايم ڪيو ايم ، ٻين سياسي جماعتن ۽ شهرين کي شامل ڪريون ته ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا هئا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کان سواءِ ڪنهن به سياسي جماعت 12 مئي جي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني جو ڪوئي به تعزيتي اجلاس نه ڪيو آهي. انهن چيو ته سانحه 12 مئي جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جو موقف واضع آهي ۽ 12 مئي جو سڀني کان وڌيڪ نقصان به ايم ڪيو ايم کي ئي پهتو هو . انهن چيو ته اسان 12 مئي جي شهيدن جون تصويرون ۽ نالا به شايع ڪيا هئا ۽ انهن جي جنازي نماز ۾ به شرڪت ڪئي هئي. انهن چيو ته 2007 ۾ ايم ڪيو ايم جو گراف تمام مٿي وڃي رهيو هو، ڇو ته 2005 ۾ آزاد ڪشمير ۽ ملڪ جي اتر وارن علائقن ۾ زلزلو آيو هو ۽ ان ۾ ايم ڪيو ايم وڌي چڙهي ڪري متاثرن جي خدمت ڪئي هئي. انهي جي ڪري ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي رهيا هئا. انهي جي ڪري ايم ڪيو ايم جي دشمنن ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ اها چال کيڏي هئي. انهن چيو ته اسان سانحه 12 جي حوالي سان هڪ ڪڙو سچ جي نالي سان ويڊيو ٻه ڀيرا تقسيم ڪئي هئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي گرومندر، سهراب ڳوٺ، شاهراھ فيصل ۽ ٻين علائقن ۾ قافلا روڪي ڪري حملا ڪيا ويا ۽ ايم ڪيو ايم جي درجنين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته 12 مئي جي ڏينهن اسان جي ريلي ۽ سابق چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ريلي جو رستو الڳ هو ۽ اسان جي ريلي ۾ امڙيون، ڀينرون ، بزرگ ، ٻارڙا ۽ ڪارڪن به شامل هئا. انهن وڌيڪ چيو ته بدين ۾ ذوالفقار مرزٰي رياست جي اندر هڪ رياست قائم ڪئي آهي ۽ هٿيار بندن تي مشتمل پرائيويٽ ملائيشيا به تشڪيل ڏني آهي پر اها ڪنهن کي به نظر نه ٿي اچي. 

7/17/2024 10:56:14 AM