ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن محمد علي جي شهادت سان مون سميت ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ ڪارڪن کي وڏو صدمو پهتو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 14 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 اي جي ڪارڪن محمد علي جي شهادت جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته محمد علي جي شهادت تي مون سميت ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ ڪارڪن کي وڏو صدمو پهتو آهي، مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن محمد علي شهيدجي سوگوار پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي محمد علي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارپونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين .