Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسماعيلي ڪميونٽي کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ حملو ڪندڙن داعش جا پمپليٽ اڇلايا اهو حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسماعيلي ڪميونٽي کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ حملو ڪندڙن داعش جا پمپليٽ  اڇلايا اهو حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/13/2015
اسماعيلي ڪميونٽي کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ حملو ڪندڙن داعش جا پمپليٽ  اڇلايا اهو حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
گورنر راڄ نافذ ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي، مسئلي جو حل اهو آهي ته ڪراچي ۾ مقامي پوليس تعينات ڪئي وڃي.
جيستائين جسم ۾ جان آهي مان مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي تبليغ ڪندو رهندس. ٽي وي چينلن سان اظهار خيال.
لنڊن؛ 13 مئي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان ڪيترن ئي سالن کان لڳاتار چئي رهيو آهيان ته ڪراچي ۾ طالبانائزيشن ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ القائده، طالبان ۽ داعش جا دهشت گرد موجود آهن، پر مخالفن جي طرفان ان کان انڪار ڪيو ويندو رهيو آهي. پر اڄ جهڙي طرح اسماعيلي ڪميونٽي کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ حملو ڪندڙن داعش جا پمپليٽ اڇلايا اهو حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن هڪ ٽي وي چينل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم سانحه صفورا چورنگي تي 14 مئي بروز خميس تي يوم سوڳ ملهائيندي ۽ شهيدن جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني به ڪئي ويندي. انهن فرمايو ته اڄ اسماعيلي ڪميونٽي کي دهشت گردي جو نشانو بڻايو ويو آهي جيڪا 
هڪ پرامن ڪميونٽي آهي. ان دردناڪ سانحي کان اڳ به بوهري برادري ۽ ٻين اقليتن کي طالبان ۽ فرقي پرست تنظيمن جي دهشت گردن دهشت گردي جو نشانو بڻايو هو. انهن فرمايو ته قابل ذڪر ڳالھ اها آهي واردات واري هنڌ پوليس چوڪي به موجود آهي پر ميڊيا تي نشر ٿيندڙ رپورٽ جي مطابق سانحي جي وقت پوليس چوڪي خالي هئي. اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو علائقو جتي لينڊ مافيا، ڊرگ مافيا ۽ ٻين ڏوهارين جا ٺڪاڻا آهن. اتي پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جو گشت ڇو نه هو؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته ظاهر آهي ته جڏهن پوليس ۽ تمام قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ڪراچي جي بي گناھ شهرين کي ڪڇلڻ جي لاءِ لڳايو ويندو، بي گناھ ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن جي رهائي جي بدلي اربين ۽ کربين روپيا رشوت جي طور تي ڪمايا ويندا، رشوت نه ڏيڻ وارن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري معذور يا ماورائي عدالت قتل ڪيو ويندو ته بي گناھ شهرين جي جان و مال سان کيڏڻ وارين فرقي پرست ۽ انتها پسند دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪيئن ڪري سگهبي؟ انهن فرمايو ته ڪراچي ۾ جاري آپريشن  فقط هڪ ڌوڪو آهي، جنهن جو واحد مقصد صرف ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻائڻ ۽ منفي پروفيگنڊو ڪري ان کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪرڻ آهي. داعش جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته طالبان جي خالد خراساني اعلان ڪيو هو ته مان طالبان کي ڇڏي ڪري  پنهنجن ساٿين سميت داعش جي سربراھ جي هٿ تي بيعت ڪري داعش ۾ شامل ٿيان ٿو، طالبان وانگر داعش جو ڪم به پنهنجي مخالف عقيدي وارن جون منڍيون لاهڻ آهي. صورتحال کان نڀرڻ جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته ان جي لاءِ پوليس کي غير سياسي ڪيو وڃي، ٿاڻا وکنيا نه وڃن، پوليس ۾ نيڪ ، ايماندار ۽ اهل ماڻهن کي آئي جي، ڊي آئي جي ۽ ايس ايڇ او تعنيات ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف وانگر سنڌ ۾ گورنر راڄ جي نفاذ جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته عمران خان فوج جي جرنلن جي باري ۾ جيڪو ڪجھ چيو آهي پهرين ان جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. انهن فرمايو ته گورنر راڄ مسئلي جو حل نه آهي. انهن فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي گهرجي ته اهي پنهنجي عهدي تان اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏين ۽ هاڻي الله الله ڪن، انهن فرمايو ته جن ماڻهن ڪنهن مقصد جي لاءِ فرقي پرست تنظيمن کي قائم رکيو آهي اهي سمجهي وٺن ته اهي ئي دهشت گرد تنظيمون سڀاڻي فرنڪسٽائن مونسٽر بڻجي وينديون. انهن فرمايو ته جڏهن مان ڪراچي ۾ طالبانائزيشن جي ڳالھ ڪئي ته سنڌ جي وزير اعلٰي قائم علي شاھ ۽ انهن جي وزيرن ڪراچي ۾ طالبانائزيشن کان انڪار ڪيو ۽ چوندا رهيا ته الطاف حسين خوف ڦيلائي رهيو آهي. جڏهن مان 
داعش جي موجودگي جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ته چيو ويو ته ڪراچي ۾ ائين ئي ڪنهن داعش جي چاڪنگ ڪري ڇڏي هوندي. پر اڄ صفوره چورنگي تي سانحي کان پوءِ داعش جا پمپليٽ اڇلايا ويا آهن. جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته منهنجي ڳالھ درست آهي ۽ الله تعالٰي مون فقير جي ڳالھ کي ثبوت فراهم ڪري ڇڏيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته اسان انتها پسند ۽ فرقي پرست تنظيمن جي ٺڪاڻڻ جي نشاندهي ڪري سگهون ٿا ۽ ماضي ۾ به اسان دهشت گردن جي ٺڪاڻڻ جي باري ۾ وزير اعلٰي سنڌ کي آگاھ ڪيو هو. پر افسوس جو انهن ايم ڪيو ايم جي ڏنل معلومات جو سنجيدگي سان نوٽس نه ورتو. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته جيستائين منهنجي جسم ۾ ساھ آهي مان القائده، داعش ، طالبان ۽ فرقي پرست تنظيمن جي خلاف جهاد ڪندو رهندس ۽ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي تبليغ ڪندو رهندس. منهنجي درس تبليغ جي ڪري ئي ڪراچي ۾ شيعه سني فساد جو خاتمو ٿيو. پر اڄ به شيعن ڊاڪٽرن، انجنيئرن، ۽ ٻين پروفيشنلن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي پئي وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته سابق چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي ۾ امن و امان ڪيس جي دوران چيو هو ته ڪراچي ۾ امن و امان جي مسئلي جو سڀني کان  وڏو سبب اهو آهي ته هتي ايم ڪيو ايم، پي پي، اي اين پي، جماعت اسلامي، سني تحريڪ، لشڪر جهنگوي، لشڪر طيبه، سپاھ صحابه ۽ سپاھ محمد جا ويڙهاڪ ٽولا موجود آهن.پر ڪراچي آپريشن ۾ صرف هڪ جماعت ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي تي يقين رکي ٿي ۽ چاهي ٿي ته هر مذهب، عقيدي ۽ مسلڪ جي مڃڻ وارن کي انهن جي عقيدن جي مطابق عبادت ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي .پاڪستان گهڻڻ ئي قربانين کان پوءِ حاصل ٿيو آهي ۽ اهو اسان سڀني جو وطن آهي ۽ پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي پاڪستان جي حفاظت فرمائي. آمين. 

7/17/2024 11:15:47 AM