Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه صفورا ڳوٺ ۾ شهيد ٿيندڙ اسماعيلي برادري جي ماڻهن جي تدفين جي موقعي تي سخي حسن قبرستان جي ٻاهران ڪي ڪي جي طرفان ڪيمپ لڳايو ويو.


سانحه صفورا ڳوٺ ۾ شهيد ٿيندڙ اسماعيلي برادري جي ماڻهن جي تدفين جي موقعي تي سخي حسن قبرستان جي ٻاهران ڪي ڪي جي طرفان ڪيمپ لڳايو ويو.
 Posted on: 5/14/2015
سانحه صفورا ڳوٺ ۾ شهيد ٿيندڙ اسماعيلي برادري جي ماڻهن جي تدفين جي موقعي تي سخي حسن قبرستان جي ٻاهران ڪي ڪي جي طرفان ڪيمپ لڳايو ويو.
ڪيمپ تي رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عبدالحسيب، عظيم فاروقي ۽ اسيمبلي ميمبرن سوگوارن کي پاڻي پياريو ۽ انهن کي تسلي به ڏني.
پابندي وڌل تنظيمن سڄي ملڪ ۾ پنهنجيون پاڙون مضبوط ڪري ڇڏيون آهن. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ڪراچي؛ 14 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام سانحه صفورا ۾ شهيد ٿيندڙ اسماعيلي برادري جي ماڻهن جي تدفين جي موقعي تي سخي حسن قبرستان جي ٻاهران ڪيمپ لڳايو ويو. جتي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عبدالحسيب ، عظيم فاروقي ۽ اسيمبلي ميمبرن جنازي نماز جي شرڪاء جي رهنمائي ڪئي ۽ انهن کي پاڻي به پياريو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سانحه صفورا هڪ وڏو سانحو آهي ۽ ان ۾ ملوث دهشت گردن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي.انهن چيو ته اسان اسلام آباد اي پي سي ۾ چيو ته وزير اعظم صاحب اوهان اسان سان گڏجي ڪري ڪراچي هلو، جنهن تي وزير اعظم صاحب ڪراچي آيا ۽ ان تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. انهن چيو ته ڪراچي ۾ گهڻيون ئي شيون حقيقت جي روشني ۾ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صفورا ڳوٺ ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو آهي ان مان واضع ٿي ويو آهي ته ڪراچي ڪيتري وڏي خطري ۾ آهي. انهن چيو ته دهشت گردن کي ڳولڻ جي ضرورت نه آهي، انهن پنهنجيون وڏيون وڏيون آباديون قائم ڪري ڇڏيون آهن ۽ اها سڀني کي خبر آهي. هاڻي ڪراچي ۾ دهشت گردن جي خلاف ڀرپور آپريشن ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. انهن چيو ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ٻڌائين ته اهي دهشت گردن کي پڪڙڻ ۾ ڇو ناڪام ٿي رهيا آهن انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي ان ناڪامي تي اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏين. انهن وڌيڪ چيو ته پابندي وڌل تنظيمن سڄي ملڪ ۾ پنهنجيون پاڙون مضبوط ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهي دهشت گردي جا واقعا ان ڳالھ جو واضع ثبوت آهن. انهن وڌيڪ چيو ته سانحه صفورا ڳوٺ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي جو پول کولي ڇڏيو آهي ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ انهن جون سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن. ان موقعي تي خواجه اظهار الحسن ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اسماعيلي برادري جا ماڻهو پرامن ماڻهو آهن ۽ اهي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پرامن طريقي سان رهن ٿا. 

6/30/2024 7:35:50 AM