Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿي، اسٽعيفٰي ڏيئي ڪري ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪن. نديم نصرت.


ايم ڪيو ايم گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿي، اسٽعيفٰي ڏيئي ڪري ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪن. نديم نصرت.
 Posted on: 5/11/2015
ايم ڪيو ايم گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿي، اسٽعيفٰي ڏيئي ڪري ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪن. نديم نصرت.
اسان جي شهيد ۽ لاپتا ڪارڪنن جا گهر وارا، ڪارڪن ۽ همدرد اسان کان گورنر سنڌ جي رويي جي باري ۾ سوال ڪن ٿا.
وسندين تي حملا ۽ ڪراچي جي نوجوانن جا ڳلا ڪٽيا ويا  پر گورنر سنڌ قاتلن جي خلاف ايڪشن  نه ورتو. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛لنڊن ؛ 11 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي پنهنجي عهدي تان اسٽعيفٰي ڏيئي ڪري تحريڪ ۾ اچي ڪري هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪن نه ته ايم ڪيو ايم جو انهن سان هاڻي ڪوئي به تعلق نه هوندو. نديم نصرت چيو ته گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد وٽ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ هو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪري ئي انهن کي گورنر شپ ملي هئي. انهن خيالن جو اظهار انهن ٽيليفون جي ذريعي لنڊن کان خورشيد بيگم سڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان رابطا ڪميٽي سان گڏجي  هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي پاڪستان جو انچارج ڪيف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي، قمر منصور، ڪنور نويد جميل، عارف خان ايڊووڪيٽ، عظيم فاروقي، آنسه ممتاز انوار ۽ ٻين کان علاوه لنڊن رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. نديم نصرت ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ايم ڪيو ايم جي خلاف ظلمن تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، ان جي ڪري ايم ڪيو ايم واضع اعلان ڪري ٿي ته  عشرت العباد خان هاڻي ايم ڪيو ايم جو حصو نه آهن ۽ ايم ڪيو ايم انهن کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٿي. جيڪڏهن گورنر سنڌ کي قوم ۽ تحريڪ جو درد هجي ها ۽ جناب الطاف حسين سان محبت هجي ها ته اهي پنهنجي منصب کان اسٽعيفٰي ڏيئي ڪري تحريڪ ۾ واپس اچي وڃن ها. انهن چيو ته 2002 ۾ پاڪستان مسلم ليگ ق سان ايم ڪيو ايم اتحاد ڪري حڪومت قائم ڪئي هئي ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد کي ايم ڪيو ايم گورنر بڻايو هو. جن شروع ۾ ته سنڌ جي عوام جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪيو پر بعد ۾ انهن جي رويي ۾ تبديلي ڏسڻ ۾ آئي.2008 ۾ پي پي جي حڪومت جي دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل عام ۽ هڪ مخصوص طبقي جي آبادين تي حملا ڪيا ويا. ڪراچي جي نوجوانن کي سڃاڻپ ڪرڻ کان پوءِ انهن کي اغوا ڪري انهن جا ڳلا ڪٽيا ويا. پر انهن نوجوانن جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ گورنر سنڌ پنهنجي ذميواري ادا ڪن ها. پر انهن ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه اقتدار کي پنهنجين جوتين ۾ رکيو آهي ۽ جڏهن اقتدار سان عوام جا مسئلا حل نه ٿا ٿين ته ايم ڪيو ايم حڪومت کان الڳ ٿي وڃي ٿي. انهن چيو ته 2013 ۾ ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جو آغاز ڪيو ويو ته شهر ۾ ڏوهارين ۽ دهشت گردن جو خاتمو ڪري امن قائم ڪيو وڃي. انهن چيو ته اسان ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪئي هئي ته جيئن ڏوهارين ۽ دهشت گردن جو خاتمو ٿي سگهي پر ابتڙ اسان جي ئي خلاف اهو آپريشن ڪيو پيو وڃي.انهن چيو ته آپريشن جي آغاز ۾ ئي اسان وزير اعظم کان ڪراچي آپريشن جي مانيٽرننگ جي لاءِ هڪ ڪميٽي بڻائڻ جو مطالبو ڪيو هو پر اها نه بڻائي وئي ۽ اسان ماورائي عدالت قتل ٿيندڙ پنهنجي هر ڪارڪن جي ماورائي عدالت قتل کان پوءِ وزير اعظم ۽ وزير اعلٰي کان گورنر هائوس ۾ مانيٽرنگ ڪميٽي جو مطالبو ڪندارهياسين پر افسوسناڪ ڳالھ اها آهي ته ارباب اختيار سان گڏو گڏ ڊاڪٽر عشرت العباد به ان سلسلي ۾ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.انهن چيو ته 11 مارچ تي نائن زيرو ۽ جناب الطاف حسين جي وڏي ڀيڻ محترمه سائره بيگم جي گهر تي چاپو هنيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي نوجوان ڪارڪن سيد وقاص شاھ کي شهيد ڪيو ويو ۽ درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو پر ان تي به گورنر سنڌ خاموش رهيا.انهن چيو ته گورنر سنڌ ڪراچي ۾ پاڻي، بجلي ۽ گيس جي قلت جو به ڪوئي نوٽس نه ورتو. انهن چيو ته سنڌ حڪومت ته اڳ ۾ بيحس ٿي چڪي آهي پر ان تمام تر صورتحال تي گورنر سنڌ عشرت العباد به خاموش رهيا. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي تقرير کي نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. پر جڏهن ته عمران خان جي طرفان فوج جي جرنلن جي لاءِ بيهوده زبان استعمال ڪئي وئي ۽ انهن کي بزدل چيو ويو.پر انهن جي تقرير تي پابندي نه لڳائي وئي ۽ ابتڙ ايم ڪيو ايم تي ملڪ دشمني جا الزام لڳايا ويا. پر تڏهن به گورنر سنڌ خاموش رهيا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي تقريرن تي پابندي، ايم ڪيو ايم تي ملڪ دشمني جا الزام ۽ ميڊيا ٽرائل تي اسان وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان سوال ڪريون ٿا ته ڇا انهن کي ذوالفقار مرزٰي جي فارم هائوس ۾ جديد هٿيار نظر نه آيا جو اتي ڪوئي به ڇاپو نه هنيو ويو. اها ٻٺي پاليسي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي حق کي استعمال ڪندي احتجاج ڪيو آهي ۽ آئنده به پنهنجي احتجاج جو حق استعمال ڪندي رهندي.ان موقعي تي ڪنور نويد جميل به ڳالھ ٻولھ ڪئي.

7/17/2024 11:17:19 AM