متحده قومي موومينٽ لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 166 جي ڪارڪن خرم احمد شهيد کي لياقت آباد جي سي ايريا قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛13 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 166 جي ڪارڪن خرم احمد شهيد کي سوين آلين اکين سان گڏ لياقت آباد جي سي ايريا جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد جي جنازي نماز لياقت آباد سي ايريا ۾ ادا ڪئي وئي ، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي انچارج ڪيف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبر عظيم فاروقي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.