Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڄ 14 مئي بروز خميس تي لياقت آباد کان ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به يونٽ انچارج يا ڪارڪن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪجھ ٽي وي چينلن تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


اڄ 14 مئي بروز خميس تي لياقت آباد کان ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به يونٽ انچارج يا ڪارڪن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪجھ ٽي وي چينلن تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 5/14/2015
اڄ 14 مئي بروز خميس تي لياقت آباد کان ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به يونٽ انچارج يا ڪارڪن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪجھ ٽي وي چينلن تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 14 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گذريل ڪجھ ڏينهن جي دوران ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي اهلڪارن 13 مئي بروز اربع تي لياقت آباد کان يونٽ 161 جي ٻن ڪارڪنن سيد مقبول علي ۽ مسرور کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته اربع تي ئي لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 52 جي ڪارڪن نعيم کي گرفتار ڪيو ويو هو. رابطا ڪميٽي وضاحت ڪئي ته اڄ 14 مئي بروز خميس تي لياقت آباد کان ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به يونٽ انچارج يا ڪارڪن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ٽي وي چينلن تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته 12 مئي تي به ايم ڪيو ايم جي چئن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو جن ۾ لانڍي سيڪٽر يونٽ 90 جو ڪارڪن عادل انصاري، لائينز ايريا سيڪٽر جو نعيم اختر، نارٿ ناظم آباد يونٽ 173 جو ڪارڪن عبدالحميد ۽ اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 188 اي جو ڪارڪن فرهاد احمد شامل آهن. اهڙي طرح 11 مئي تي به ايم ڪيو ايم جي چئن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو جن ۾ گلشن اقبال جو سيڪٽر انچارج محمد شاهد به شامل آهن. جن کي رينجر آفيس کان گهر ويندي گرفتار ڪيو هو. اهڙي طرح برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 22 جي يونٽ ڪميٽي جي ميمبر محمد جاويد کي به رينجر صدر ٽائون ۾ انهن جي آفيس کان گرفتار ڪيو هو. جڏهن ته اورنگي ٽائون يونٽ 121 اي جي ڪارڪن عادل ضياء کي ڪي پي ٽي کان گرفتار ڪيو ويو هو.انهي ڏينهن ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 74 جي ڪارڪن شعيب خان کي به گرفتار ڪيو ويو هو. رابطا ڪميٽي چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ نارٿ ناظم آباد ۽ اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن خرم احمد ۽ محمد علي کي شهيد به ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته انهن شهيد ڪارڪنن جي قاتلن کي هن مهل تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي پر ابتڙ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ئي گرفتار ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتاري جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٿيلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

7/17/2024 11:03:29 AM