ايم ڪيو ايم 14 مئي بروز خميس تي سڄي ملڪ ۾سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪندي. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪراچي؛ 13 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 14 مئي بروز خميس تي اسماعيلي ڪميونٽي سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ تعزيتي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا ۽ سانحه صفورا ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون وينديون. اهي تعزيتي ميڙاڪا سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواھ، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ منعقد ڪيا ويندا.