Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي آغا خان ڪميونٽي جي رهنما عزيز رفيق سان فون تي ڳالھ ٻولھ.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي آغا خان ڪميونٽي جي رهنما عزيز رفيق سان  فون تي ڳالھ ٻولھ.
 Posted on: 5/13/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي آغا خان ڪميونٽي جي رهنما عزيز رفيق سان  فون تي ڳالھ ٻولھ.
 نديم نصرت سانحه صفورا ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جي معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
لنڊن؛ 13 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان ۾ آغا خاني ڪميونٽي جي رهنما عزيز رفيق سان فون تي سانحه صفورا ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جي معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. نديم نصرت چيو ته ڪراچي ۾ پيش ايندڙ اهو واقعو هڪ قومي سانحو آهي، جنهن تي پوري قوم غمزده ۽ سوگوار آهي. ان سانحي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جا تمام ذميوار ۽ ڪارڪن شهيدن جي سوگوار پونئرن سميت پوري اسماعيلي ڪميونٽي جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن عزيز رفيق کي چيو ته ايم ڪيو ايم ان سانحي جي متاثرن جي مدد جي لاءِ هر قسم جو تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. عزيز رفيق ڏک جي ان گهڙي ۾ اظهار يڪجهتي ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ان موقعي تي پوري قوم کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي.

7/17/2024 11:01:26 AM