Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي صدارت ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو گڏيل اجلاس.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي صدارت ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو گڏيل اجلاس.
 Posted on: 5/14/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي صدارت ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو گڏيل اجلاس.
پرنس ڪريم آغا خان اسماعيلي برادري جي قتل عام جو معاملو اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ايشيا واچ سميت هر سطح تي اٿارين.
پرنس ڪريم آغا خان پوري دنيا کي آگاھ ڪن ته ڪيئن پاڪستان ۾ طالبان، القائده ۽ داعش جا دهشت گرد ڏينهن ڏٺي جو اسماعيلي برادري جي درجنين ماڻهن کي شهيد ۽ زخمي ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 14 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي صدارت ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان  جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي تنظيمي معاملا انجام ڏيڻ وارن شعبن جي انچارجن ۽ ميمبرن به شرڪت ڪئي. اجلاس جي تمام شرڪاء پنهنجين سيٽن تان بيهي ڪري سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو ته اسماعيلي برادري جي ماڻهن جو قتل عام هڪ وڏو سانحو ۽ وڏي ڏک جي ڳالھ آهي. انهن پاڪستان ۾ رهندڙ تمام اسماعيلي برادري کي چيو ته سانحه صفورا جي دردناڪ واقعي 
تي مون سميت ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. انهن اسماعيلي برادري جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ اسماعيلي برادري جي قتل عام جو معاملو اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ايشيا واچ سميت هر سطح تي اٿارين ۽ پوري دنيا کي آگاھ ڪن ته ڪيئن پاڪستان ۾ پرامن ۽ بي ضرر اسماعيلي برادري کي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن جي موجودگي ۾ طالبان، القائده ۽ داعش جي دهشت گردن ڏينهن ڏٺي جو حملا ڪري درجنين ماڻهن کي شهيد ۽ زخمي ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اهي آساني سان فرار به ٿي ويا. انهن پرنس ڪريم آغا خان ۽ پوري دنيا ۾ وسندڙ اسماعيلي برادري جي ماڻهن سان پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي سانحه صفورا ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي شهادت جو درجو عطا ڪري انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي، مرحومن جي روحن کي سڪون عطا ڪري ۽ دهشت گردي جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي جلد و مڪمل صحت يابي عطا فرمائي. جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسماعيلي برادري جي وحشي قاتلن جي گرفتاري ۾ ڪائي به ڪسر باقي نه ڇڏي وڃي ۽ تمام شهرين جي جان و مال کي بغير ڪنهن فرق جي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

6/30/2024 7:32:11 AM