Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سانحه صفورا ڳوٺ تي 14 مئي بروز خميس تي يوم سوڳ ملهائيندي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم سانحه صفورا ڳوٺ تي 14 مئي بروز خميس تي يوم سوڳ ملهائيندي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/13/2015
ايم ڪيو ايم سانحه صفورا ڳوٺ تي 14 مئي بروز خميس تي يوم سوڳ ملهائيندي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ٽرانسپورٽر، دڪاندار، اسڪولن جا مالڪ، واپاري ۽ صنعتڪار پنهنجو ڪاروبار ۽ سرگرميون بند ڪري سوڳوار خاندانن سان يڪجهتي جو اظهارڪن.
صفورا ڳوٺ ۾ داعش ۽ طالبان جي ماڻهن موٽرسائيڪلن تي اچي ڪري حملو ڪيو.
انسانن جي روپ ۾ خوني بگهڙ معصوم ماڻهن جي جانين سان کيڏي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 13 مئي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم 14 مئي بروز خميس تي سانحه صفورا ڳوٺ تي يوم سوڳ ملهائيندي. انهن ٽرانسپورٽرن، دڪاندارن، اسڪولن جي مالڪن، واپارين ۽ صنعتڪارن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجو ڪاروبار بند رکي ڪري سانحه صفورا ڳوٺ جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪن.اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته صفورا ڳوٺ جي علائقي ۾ بس تي داعش ۽ طالبان جي دهشت گردن موٽر سائيڪلن تي اچي ڪري معصوم شهرين تي گوليون وسايون. انهن وزير اعظم ۽ وزير اعلٰي سنڌ کي چيو ته اوهان جي رستي ۾ جيڪڏهن ڪي رڪاوٽون آهن ته اهي کلي ڪري قوم کي ٻڌائين نه ته اهي پنهنجن عهدن تان اسٽعيفٰائون ڏيئي ڇڏين. انهن فرمايو ته داعش ۽ طالبان جي ماڻهن بس کي روڪيو ۽ انهن بس جي اندر داخل ٿي ڪري مسافرن تي ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 45 هن  کان وڌيڪ ماڻهو هن مهل تائين شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ٻيا زخمي آهن. انهن فرمايو ته سانحه صفورا جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته ماڻهن جي روپ ۾ بگهڙ انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن ۽ قانون نافذ ڪرڻ  وارا ادارا ۽ پوليس صرف وڌ کان وڌ مهاجرن جي علائقن جو گهيراءُ ڪري اتي گهر گهر تلاشي وٺي ٿي ، پر جن انهن داعش ۽ طالبان جي دهشت گردن کي ٽريننگ ڏيڻ وارا مذهب جي نالي تي ڪراچي ۾ مدرسا قائم آهن اڄ تائين قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا يا پوليس اتي نه پهتي آهي. جنهن جو ثبوت مولوي عبدالعزيز آهي ۽ لال مسجد ۾ پڙهندڙ داعش جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن جيڪي کلي عام داعش جو لٽريچر ورهائي رهيون آهن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ صرف هڪ تنظيم کي نشانو بڻائڻو آهي ته پوءِ هڪ ڏينهن داعش جهڙين خوني تنظيمن کي ختم ڪرڻ وارا قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ۽ پوليس آساني سان انهن جي لاءِ مڪمل قبضي ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي واضع لفظن ۾ چيو ته اوهان جي رستي ۾ جيڪڏهن ڪي رنڊڪون آهن ته اهي کلي ڪري قوم کي ٻڌائين نه ته اهي پنهنجن عهدن تان اسٽعيفٰائون ڏيئي ڇڏين. انهن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت دهشت گردن جي حملن کان نڀرڻ جي لاءِ ويجلنس ڪميٽيون بڻائن، چوڪيداري نظام قائم ڪن ۽ دهشت گردن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ ادارن کان فوجي ٽريننگ به حاصل ڪن. انهن فرمايو ته اڄ ڪراچي جي هر اک آلي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف طالبان ۽ داعش جا دوست ڪجھ صحافي حضرات ۽ اينڪر پرسن خوشي ۾ هڪ ٻئي کي مٺايون کارائي رهيا آهن. جناب الطاف حسين صفورا ڳوٺ سانحي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 

7/17/2024 11:07:53 AM