ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن سانحه صفورا ڳوٺ ۾ اسماعيلي برادري تي حملي جي خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي.
اسلام آباد؛ 14 مئي 2015
متحده قومي موومينٽ جي اسيمبلي ميمبرن سانحه صفورا ڳوٺ ۾ اسماعيلي برادري تي وحشياڻي حملي جي خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اها تحريڪ التوا ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل، ڊاڪٽر فاروق ستار، ڪنور نويد جميل، مزمل قريشي، سفيان يوسف ۽ ٻين پنهنجين صحيحن سان جمع ڪرائي آهي.تحريڪ التوا ۾ سانحه صفورا جي سخت مذمت ڪندي ان واقعي ۾ ملوث دهشت گردن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ۽ معزز ايوان ۾ ان سانحي تي بحث جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.