Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ٽائيم کان علاوه ٻين وقتن تي شهرين کي بجلي جي فراهمي ۾ تعطل تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ٽائيم کان علاوه ٻين وقتن تي شهرين کي بجلي جي فراهمي ۾ تعطل تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 5/12/2015
ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ٽائيم کان علاوه ٻين وقتن تي شهرين کي بجلي جي فراهمي ۾ تعطل تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ 12 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي اسيمبلي ميمبرن ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ کان علاوه ٻين وقتن تي شهرين کي بجلي جي فراهمي ۾ تعطل تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ کان علاوه مينٽيننس ۽ فالٽ جي ڪري به بجلي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. جنهن سان شهرين کي سخت مشڪلاتن جو سامنو آهي. انهن چيو ته اصولي طور تي مينٽيننس جو ڪم سياري ۾ ڪيو وڃڻ گهرجي ته جيئن اونهاري جي منڌ ۾ جڏهن بجلي جي طلب وڌي وڃي ٿي ته فالٽ گهٽ کان گهٽ هجي. انهن چيو ته بجلي جي فراهمي ۾ ناقص منصوبه بندي جي ڪري ڪراچي جا شهري لوڊشيڊنگ  جي ٻٺي عذاب جو شڪار آهن. انهن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه فالٽ فوري طور تي دور ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي ۽ مينٽيننس جي ڪم جي لاءِ صحيح منصوبه بندي ڪري ته جيئن عوام کي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان نجات ملي سگهي. 

7/17/2024 11:53:26 AM