Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ زبردست ڌاندلي ڪئي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ زبردست ڌاندلي ڪئي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/2/2015 1
صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ زبردست ڌاندلي ڪئي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مختلف ٽي وي چينلن تي اليڪشن جي ڏينهن بدترين ڌاندلي جا منظر ڏيکاريا ويا آهن. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 2 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته صوبي خيبرپختونخواھ جي مڪاني اليڪشن ۾ زبردست ڌاندلي ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي ڌاندلي پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ڏٺي وئي آهي. هڪ ٽي وي چينل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته مختلف ٽي وي چينلن تي اليڪشن جي ڏينهن بدترين ڌاندلي جا منظر ڏيکاريا ويا آهن ۽ ڪجھ هنڌن تي ماڻهن کي بيلٽ باڪس  کڻي ڀڄندي به ڏيکاريو ويو آهي. انهن فرمايو ته ان مڪاني اليڪشن ۾ عوام کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڌاندلي نه ٿي ته پوءِ پي ٽي آئي کي ڪي پي ڪي ۾ خراب ڪارڪردگي جي ڪري گهٽ سيٽون ملن ها. انهن فرمايو ته پاڪستان جي ڪل آبادي جو 57 .51 سيڪڙو عورتن تي ٻڌل آهي ۽ ڪي پي ڪي جي مڪاني اليڪشن ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم رکيو ويو آهي. ان جي ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو فرض آهي ته اها ڪي پي ڪي جي مڪاني اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري اتي ڪراچي جي تڪ 246 وانگر اندر ۽ ٻاهر رينجر کي بيهاري ۽ پولنگ اسٽيشنن ۾ هر هنڌ سي سي ٽي وي ڪيميرا نصب ڪري ٻيهر مڪاني اليڪشن ڪرائي. جيڪڏهن ان جي باوجود تحريڪ انصاف جا اميدوار ڪامياب ٿين ٿا ته مان پاڻ عمران خان کي مبارڪباد پيش ڪندس. انهن فرمايو ته ماضي ۾ يحيٰي خان پوري ملڪ ۾ فوج کي تعينات ڪري اليڪشن ڪرايا هئا ۽ اهڙا تاريخي ۽ شفاف اليڪشن اڃ تائين نه ٿي سگهيا آهن. 

7/17/2024 11:03:35 AM