Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪومت جي طرفان تيل اگهن ۾ واڌ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


حڪومت جي طرفان تيل اگهن ۾ واڌ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 6/1/2015 1
حڪومت جي طرفان تيل اگهن ۾ واڌ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ پهرين جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حڪومت جي طرفان تيل اگهن ۾ واڌ جي فيصلي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ جي فيصلي کي غريب عوام تي وڏو ظلم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ  ڪري سڄي ملڪ جي عوام تي مهانگائي جو وڌيڪ بار وڌو آهي. پر جڏهن ته هجڻ اهو گهرجي ها ته حڪومت پنهنجن دعوائن جي مطابق تيل اگهن ۾ ڪمي ڪري عوام کي رليف ڏي ها. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته رمضان شريف جي آمد آمد آهي پر ان کان اڳ ئي تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ غيردانشمندانه قدم آهي جنهن سان روز مره جي شين ۾ نه صرف اضافو ٿيندو بلڪه ان جو اثر سنئون سڌو غريب عوام تي ئي پوندو. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته تيل اگهن ۾ واڌ جو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي ۽ حڪومت پنهنجن دعوائن جي مطابق تيل اگهن ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي. 

7/17/2024 11:48:37 AM