Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري نئين سري سان مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري نئين سري سان مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/1/2015 1
خيبرپختونخواھ جي مڪاني چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري نئين سري سان مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سڀئي سياسي و مذهبي جماعتون تاريخ جي بدترين ڌاندلي جي خلاف ڀرپور انداز ۾ پرامن احتجاج ڪن. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ پهرين جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چيف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ ڌاندلي سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جو مذاق اڏايو پيو وڃي، ان جي ڪري انهن چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري نئين سري سان مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جو ملڪ پهرين ئي پنهنجن پراين جي طرح طرح جي طعنن ۽ سنگين الزامن کي منھ ڏيئي رهيو آهي. ڪوئي پاڪستان کي داعش، القائده ۽ طالبان جو مرڪز قرار ڏيئي رهيو آهي ته ڪوئي فرقي وارانه فسادن جو گڙھ قرار ڏيئي رهيو آهي ته ڪوئي وري پاڪستان تي دنيا ۾ بغاوت جي لاءِ دهشت گرد موڪلڻ جو الزام لڳائي ٿو، ٻئي طرف اسان پاڻ ئي پنهنجي ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي ڪمزورين کي تلاش ڪندا رهون ٿا ۽ انهن ڪمزورين کي مرچ مسالا هڻي ڪري پيش ڪريون ٿا ته جيئن ملڪ جو مذاق اڏايو وڃي. ملڪ دشمنن کي سٺي نموني خوش ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي سڌاري جو ڪوئي به حل پيش نه ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 30 مئي تي ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ جهڙي طرح سان کلي عام ڌاندلي ڪئي وئي ان سان نه صرف ڌاندلي ماضي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن پر ان ڌاندلي سان دنيا ۾  پاڪستان جو مذاق به بڻجي رهيو آهي. جناب الطاف حسين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته ان کان پهرين جو دنيا ۾ پاڪستان جو وڌيڪ مذاق اڏايو وڃي، ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڪري نئين سري سان مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن هر وقت ٿيندڙ بحث جو سلسلو ختم ٿي سگهي. جناب الطاف حسين ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي و مذهبي جماعتن کي اپيل ڪئي ته اهي مڪاني چونڊن ۾ تاريخ جي بدترين ڌاندلي جي خلاف ڀرپور انداز ۾ پرامن احتجاج ڪن ۽ اليڪشن ڪميشن سميت پاڪستان جي سمورن بالا آفيسرن جي توجه ان بدترين ڌاندلي ڏانهن ڇڪائيندي واضع ڪري ڇڏين ته صوبي ۾ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ سان ئي پاڪستان کي وڌيڪ بدنامي کان محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. 

6/30/2024 7:28:36 AM